فلپائن ۾گرجا گهر ٻاهران بم ڌماڪا، 27 ڄڻا مارجي ويا، 70 زخمي

3Shares

منيلا (م ۾) فلپائن جي ٻيٽ جولو جي چرچ ويجهو لاڳيتو ٻه ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا مارجي ويا ۽ 70 زخمي ٿي پيا. رپورٽن مطابق فلپائن جي ٻيٽ جولو ۾ چرچ ٻاهريان هڪٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڄڻا مارجي ويا 70 زخمي ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فلپائن پوليس مطابق پهريون ڌماڪو چرچ ٻاهريان ان وقت ٿيو جڏهن ماڻهو اندر عبادت ۾ مصروف هئا، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ امدادي ٽيمن جي پهچڻ کانپوءِ ٿيو، مارجي ويلن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ امدادي ڪارڪن پڻ شامل آهن.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں