گنگنا رناوت جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو

6Shares

ممبئي (شوبز نيوز) فلم “ مني ڪارنيڪا” ڪوئين آف جهانسي” جي شريڪ هدايتڪار فلم کي اڌ ۾ ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي ڪنگنا رناوت جي هڪ ٻئي ڪوڙ تان پڙدو لاهي ڇڏيو. فلم “مني ڪارنيڪا” شروع کان  ڏکيائين جو شڪار رهي آهي پهرين فلم جي هدايتڪار ڪرش فلم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو پوءِ اداڪار سونو سود به فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪرش جي فلم ڇڏڻ کان بعد اداڪارا ڪنگنا رناوت هدايتڪاري جي ذميواري سنڀالي ۽ فلم مڪمل ڪئي.تنهنڪري هدايتڪار ڪرش “مني ڪارنيڪا” جي ريليز کان هڪ بعد ئي فلم کي اڌ ۾ ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته فلم جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي هئي پر ڪنگنا فلم مان مطمئن نه هئي ۽ هن فلم جا ڪيترا ئي سين ٻيهر شوٽ ڪيا آءُ ان تي احتجاج به ڪيو پر فلم پروڊيوسر ڪنگنا جو ساٿ ڏنو جڏهن ته ڪنگنا رناوت جو رويو فلم جي شوٽنگ دوران مون سان خراب هوندو هيو ان ڪري فلم کي ڇڏڻ ئي مناسب سمجهو، هدايتڪار ڪرش ڪنگنا پاران ڳالهايل ڪوڙ تان پڙدو لاهيندي چيو ته ڪنگنا سونو سود جي فلم ڇڏڻ تي بيان ڏنو هو ته سونو هڪ عورت هدايتڪار سان ڪم نٿو ڪرڻ چاهي ان ڪري هن فلم ڇڏي. جڏهن ته اهڙو ڪجهه به نه هو ڪنگنا ڪوڙ ڳالهايو هيو حقيقت ۾ سونو سود جو فلم ۾ رن ٽائم 100 منٽ هيو. پر ڪنگنا ان کي ايڊٽ ڪري رڳو 60 منٽ ڪري ڇڏيو، ڪو به اداڪار پاڻ سان ٿيل اهڙي نا انصافي کي برداشت نه ڪندو ان ڪري سونو سود فلم ڇڏي ڏني.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں