ويرات ڪوهلي انوشڪا سان خوشگوار زندگي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

3Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ  اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي شادي کي هڪ سال کان گھٽو عرصو ٿي ويو آهي ۽ ٻئي خوشگوار زندگي گذاري رهيا آهن. ويران ڪوهلي هن وقت انوشڪا شرما سان گڏ نيوزي لينڊ ۾ موجود آهي جتي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ سيريز جاري آهي. انوشڪا ۽ ويران جي جوڙي جا مداح رڳو ڀارت ۾ نه پر ٻين ملڪن ۾ به موجود آهن. ويرات ڪوهلي هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي خوشگوار شادي شدا زندگي جو راز شيئر ڪيو آهي.ويران ڪوهلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مان ۽ منهنجي زال ٻئي عام شيون ڪندا آهن جيئن ڪڏهن پنڌ گھمڻ ويندا آهيون يا ڪنهن سهڻي جڳهه جو دورو ڪندا آهيون، گذريل رات اسان ٻئي مرين پريڊ ۾ هئاسين جتي اسان “فل مون“ انجوائي ڪيو، اسان اتي بينچز تي ويٺاسين ۽ ڳالهيون ڪيوسين. هن چيو ته حقيقت ۾ ساديون شيون اسان جي تفريح جو ذريعو بڻبيون آهن ڇو ته ٻئي مداحن جي نظرن ۾ رهندا آهيون ۽ اسان سدائين ماڻهن لاءِ ڪم ڪندا آهيون.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں