پاڪستان چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪرائي ورتي

2Shares

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي. جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شعيب ملڪ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان هاشم آملا ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ اننگز جي شروعات ڪئي ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين کاتو کولڻ بنا شاهين آفريدي جو شڪار بڻجي ويو، جنهن کانپوءِ 18 جي مجموعي اسڪور تي شاهين آفريدي ريزا هينڊرڪس کي به پويلين موٽائي ڇڏيو، جنهن ٻه رنسون ٺاهيون. ان موقعي تي ڪپتان فاف ڊوپليسي هاشم آملا سان گڏجي محتاط انداز ۾ اسڪور کي اڳتي وڌايو ۽ ٻنهي 101 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، ٻئي بيٽسمين ففٽيون اسڪور ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب رهيا پر 119 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڊوپليسي جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڏکڻ آفريڪي بيٽنگ لائين واريءَ جي ڀت ثابت ٿي. ڊوپليسي طرفان 57 ۽ آملا طرفان 59 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پروٽيز بيٽسمين وقفي وقفي سان آئوٽ ٿيندا رهيا ۽ ميزبان ٽيم 164 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان عثمان شنواري 4، شاهين شاهه آفريدي  ۽ شاداب خان  2-2، جڏهن ته محمد عامر ۽ عماد وسيم هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ قومي ٽيم گهربل هدف اوور 31.3 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. امام الحق 71 ۽ فخر زمان 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته بابر اعظم 41 ۽ محمد رضوان 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان عمران طاهر ۽ ڦهلڪوايو هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ٿي وئي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں