قومي ٽيم کي وڏو ڌچڪو ڪپتان سرفراز تي چئن ميچن جي پابندي

1Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي )  نسل پرستاڻن جملن جي استعمال تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد تي 4 ميچن جي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. آءِ سي سي پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد تي ٻن هڪ ڏينهن وارين ميچن ۽ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي پابندي لڳائي آهي جنهن بعد هو ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز جون باقي ميچن سميت ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جون شروعاتي ٻه ميچون نه کيڏي سگھندو. آءِ سي سي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ذريعي سرفراز احمد تي چئن ميچن جي پابندي جو اعلان ڪيو. آءِ سي سي سرفراز احمد خلاف نسل پرستاڻن جملن تي ڪارروائي ڪئي ۽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني ڪپتان آءِ سي سي اينٽي ريس ازم ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان معاملي تي آءِ سي سي چيف ايگزيڪٽو ڊيوڊ ريچرڊسن جو چوڻ آهي ته ان قسم جي رويي تي آءِ سي سي زيرو ٽاليرنس جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي، سرفراز احمد پنهنجي ايڪشن تي سڀني جي سامهون معافي ورتي ۽ پنهنجي استعمال ڪيل لفظن تي افسوس جو اظهار ڪيو ان ڪري هن کي  گھٽ ۾ گھٽ سزا ڏني وئي آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں