آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ جنگبندي جي خاتمي جو معاهدو، 18 مهينن اندر فوجين جي واپسي تي اتفاق

2Shares

دوحه (م ڊ) آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ 17 سالن کان هلندڙ جنگ جي خاتمي جو معاهدو ٿي ويو افغان طالبان اڳواڻن جي آزادي ۽ قيدين جي مٽا سٽا تي اتفاق آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ 17 سالن کان هلندڙ جنگ جي خاتمي جو معاهدو ٿي ويو قطر جي شهر دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ 6 ڏينهن کان هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد 17 سالن کان هلندڙ جنگ جي خاتمي تي اتفاق ڪيو ويو، افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو به طئي ٿي ويو، جنهن جو ڊرافٽ پڻ تيار ڪيو ويو معاهدي تحت آمريڪي ۽ نيٽو فوج 18 مهينن اندر افغانستان مان هلي ويندي جنگبندي جو شيڊول ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر طئي ڪيو ويندو جنگبندي کانپوءِ طالبان افغان حڪومت سان سڌيون ڳالهيون ڪندا برطانوي نيوزايجنسي سفارتي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد زلمي خليل زاد قطر کان ڪابل لاءِ روانو ٿيو ۽ افغان صدر اشرف غني کي آگاهه ڪندو طالبان ذريعن موجب طالبان آمريڪا کي ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ته افغانستان جي سرزمين القاعده يا داعش کي آمريڪا يا ان جي اتحادين تي حملي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، طالبان موجب افغانستان ۾ جنگبندي جي حوالي سان مدي کي حتمي شڪل  ڏني ويندي تنهن هوندي به افغان حڪومت جي نمائندن سان صرف ان وقت ڳالهه ٻولهه ٿيندي جڏهن جنگبندي ٿي ويندي معاهدي جي ٻين نقطن ۾ قيدين جي مٽاسٽا طالبان اڳواڻن تي لاڳو سفري پابنديون ختم ڪرڻ ۽ سيز فائر بعد افغانستان ۾ عبوري حڪومت جو قيام شامل آهن پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب آمريڪا اهڙي امن معاهدي جو خواهشمند آهي جنهن تحت طالبان جي ايندڙ حڪومت ۾ شموليت جي راهه هموار ٿي سگهي آمريڪي اختيارين جو اهو به اسرار آهي ته طالبان افغان حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪن واضح رهي ته آمريڪا ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں