آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهين لاءِ پاڪستان سهوليتڪار جو ڪردار ادا ڪيو: ترجمان پاڪ فوج

2Shares

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عرب نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان دوحا ۾ ٿيندڙ آمريڪا – طالبان ڳالهين جو حصو آهي، پاڪستان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جو مشن مڪمل ڪيو آهي، ڳالهين کي عمل کي اڳتي وڌائڻ جو دارومدار ڌرين جي گڏجاڻي تي آهي. هن چيو ته هڪ ڌڙي جي نه مڃڻ سان به شيڊيول تبديل ٿي ويندو آهي، پاڪستان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته چاهيون ٿا ته آمريڪا دوست جي حيثيت سان خطي مان وڃي پاڪستان افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين لاءِ سهولتڪار هو پاڪستان لاءِ وقت ۽ جڳهه جو تعين اوليت نه هئي پاڪستان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪيو هن چيو ته اڳڀرائي سان شين جو يقين ٿيندو آهي پاڪستان هميشه اهم رهيو آهي رهندو اسان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو افغانستان وٽ دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪرڻ جي صلاحيت ناهي آمريڪي فوج جي وڃڻ سان افغانستان ۾ افراتفري نه ڦهلجڻ گهرجي آمريڪا افغانستان مان ويندو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جو ڪردار تسليم ڪري ويندو هن چيو ته افغان طالبان پاڪستان کي امن عمل مان ڪڍي نه رهيا آهن.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں