سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ شادي هال ڊاهڻ واري ڪارروائي روڪي ڇڏي، ڏيڍ مهينو مهلت

4Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر)  سنڌ سرڪاري ڪراچيءَ  شادي هال ڊاهڻ  واري سڀاڻي  کان رٿيل ڪاررواين  کي روڪيندي سنڌ بلڊڻگ ڪنٽرول اٿارٽي  کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي کين ڏيڍ مهينو  مهلت ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. تفصيل موجب  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  پاران  ڪراچي  ۾ قائم هزارين شادي هالن کي نوٽيس جاري ڪندي  سومر ڏينهن کان ڪارروائي جي وارننگ  ڏني وئي هئي. اهڙي عمل خلاف شادي هالن انتظاميا پاران اڄ  آچر ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن سبب سوين رٿيل شاديون ملتوي ٿيڻ جو خدشو هو. اهڙي صورتحال سبب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ  اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير ايس بي سي اي کي نوٽيس واپس  وٺڻ ۽ شادي هالن خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته  شهر ۾ 200 رجسٽرڊ ۽ وڏي انگ ۾ غيرقانوني  شادي هال آهن. وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ واضح لکيل آهي ته  ايس بي سي اي ڪارروائي کان اڳ معاملي تي غور ڪري هوڏانهن  ميئر ڪراچي وسيم اختر واضح ڪيو آهي ته نه ڪا عمارت ڪيرائي ويندي ته شادي هال ڊاٿو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾نظر ثاني  جي درخواست داخل ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران  معاملي  تي سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني  واري درخواست داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هزارين غيرقانوني  عمارتون ڊهنديون ته لکين ماڻهون متاثر ٿيندا.  ان سان انساني الميا جنم  وٺي سگهن ٿا. ٻئي طرف سنڌ جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي حددخلين جي خاتمي جي نالي تي شهرين کي بي گهر ڪرڻ جي حامي ناهي. سنڌ جي وڏي وزير جي سڌُ سماءَ ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ پاڻي بند ڪري ڪراچي کي اُڃو رکڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لاءِ وفاق جو هميشه ٻٽو معيار هوندو آهي پر هاڻ وفاق ڄاڻي وٺي ته ڪراچي لاوارث ناهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته اسلام آباد ۾ به رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪيو ويو جڏهن ته پيپلز پارٽي حددخلين جي نالي تي شهرين کي بي گهر ڪرڻ جي حامي ناهي، پيپلز پارٽي ڪرچاي جي حقن جي ويڙهه وڙهي رهي آهي ۽ وڙهندي رهندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پهرين زمينن تي قبضا ڪري گهر بڻايا ۽ پوءِ انهن کي ڊهرايو، پ پ جي واضح موقف بٿد ايم ڪيو ايم به آڱر ڪٽرائي شهيد بڻجڻ جي جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں