جعلي اڪائونٽس ڪيس: نيب پاران آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه کي طلب ڪرڻ جو فيصلو

3Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب پيپلز پارٽي اڳواڻنکان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ کين جلد طلبي جو نوٽيس موڪليو ويندو جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي طلب ڪرڻ جو فيصلو اڃان ناهي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ سنڌ جيو ڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ايندڙ هفتي طلبي جو نوٽيس موڪلڻ جو امڪان آهي ۽ ٽنهي اڳواڻن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي اڳواڻن کي نيب راولپنڊي ۾ طلب ڪيو ويندو جڏهن ته ڪمبائن انويسٽيگيشن ٽيم جعلي اڪائونٽس بابت پڇا ڳاڇا ڪندي، جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي اڳواڻن کي سوالنامو پيش ڪيو ويندو. نيب ٻه ڏينهن اڳ چار ڪمبائن انويسٽيگيشن ٽيمون جوڙڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن جي هر ٽيم ۾ نو آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ چار جاچ آفيسر، چار پراسيڪيوٽر ۽ هڪ ڪيس آفيسر شامل آهي. ٻئي طرف ايف آءِ اي بي نالي اڪائونٽن جي جاچ لاءِ بئنڪ آفيسرن ۽ اڪائونٽ هولڊرن کي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نون اڪائونٽن ۾ به اربين رپين جي ٽرانزيڪشن جو انڪشاف ٿيو آهي. بي نالي اڪائونٽن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ وڌيڪ 10 بي نالي اڪائونٽن جي جاچ جو جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي کي عدالت وڌيڪ 10 بي نالي اڪائونٽن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايف آءِ اي اختياريون بئنڪ آفيسرن ۽ اڪائونٽن هولڊرن کي طلب ڪري تفصيل حاصل ڪنديون. ذريعن موجب جي آءِ ٽي 10 نون اڪائونٽن جي جاچ رپورٽ نيب چيئرمين کي موڪليندي. نون اڪائونٽن ۾ به اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ٻڌائي پئي وڃي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں