نواز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر

1Shares

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جـِي طبي بنيادن تي ضمانت ڏيڻ واري درخواست سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.  ڪوٽ لکپتجيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پاران وڪيل خواجه حارث جـَي معرفت طبي بنيادن تي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ نيب چيئرمين، احتساب عدالت جي جج ۽ ڪوٽ لکپت جيل جي سپرٽينڊنٽ کي ڌر  بڻايو ويو ، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ جي ڪاپي به درخواست ۾ شامل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف کي دل جي بيماري آهي ۽ هن وقت تڪليف ۾ مبتلا آهي، تنهن ڪري  سندس طبي بنيادن تي ضمانت منظور ڪئي وڃي. درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيستائين العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطلي واري درخواست تي فيصلو نٿو اچي، تيستائين کيس ضمانت ڏني وڃي. واضح رهي ته نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جنهن جي خلاف هڪ درخواست اڳ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي،  جنهن تي ٻڌڻي 18 فيبروري تي ٿيندي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں