پيراگون اسڪينڊل ڪيس ۾ خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 2 فيبروري تائين واڌ

1Shares

لاهور(بيورو) احتساب عدالت پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 2 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيب لاهور پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ خواجا ڀائرن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي کين احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.خواجا ڀائرن پاران ان جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر احتساب عدالت کان وڌيڪ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي. احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي خواجا سلمان رفيق بخار ۾ ورتل هو ۽ ٻڌڻي دوران ڪرسي تي ويهي رهيو. نيب پاران 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري اپيل تي احتساب عدالت فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي خواجا ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ 2 فيبروري تائين واڌ ڪئي وئي. ٻئي طرف مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته حڪمران طبقو پنهنجي سهولت لاءِ مني بجيٽ آندي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته پراڊڪشن آرڊر خيرات ناهي، اهو اسان جو حق آهي، پرويز مشرف جي دور ۾ به اهي جاري ڪيا ويا، پروڊڪشن آرڊر بند ڪرڻ بابت نعيم الحق جو ٽوئٽ نه پر وزيراعظم جو موقف آهي، اهو غير جمهوري رويو آهي، اهو ٽوئيٽ ڪري پنهنجي پارٽي کي نقصان پهچايو ويو آهي. هن چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود نيب اڃا تائين ڪا شاهدي پيش نه ڪئي آهي، حڪومت طبقي پنهنجي سهولت لاءِ مني بجيٽ آندي آهي. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ پرڏيهه ملڪيت رکندڙن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي، حڪومت جي مني بجيٽ نان فائلر لاءِ سولايون جڏهن ته فائلرن لاءِ ڏکيائيون کڻي آيو آهي، اها ڪهڙي بجيٽ آهي جنهن ۾ نوڪرين، گهرن ۽ زراعت جي شعبي جو ڪو به ذڪر ناهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ چيو ته سياسي حالتون تڏهن درست ٿينديون جڏهن سڀ سياسي پارٽيون گڏجي هلنديون، ملڪي رياستي ۽ سياسي ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو، جيڪڏهن پاڻ ۾ جهيڙا ڪندا رهنداسين ته پوءِ اسان دائري جي ڳالهه ڪندا رهنداسين، جوتن ۾ دال ورهائڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں