بالي ووڊ هاڻ اڳ جهڙو ناهي رهيو: تبو

2Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ  جي من موهڻي اداڪارا تبو چيو آهي ته بالي ووڊ هاڻ ويهه سال اڳ جهڙو ناهي رهيو، گذريل ڪجهه ورهين کان فلم انڊسٽري ۾ ڪيئي حيران ڪندڙ تبديليون آيون آهن ۽ خاص ڪري آخري 5 سالن ۾ گھڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. ممبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اداڪارا تبو چيو ته هن وقت جيڪي فلمون بالي ووڊ ۾ ٺهي رهيون آهن يا جهڙي ريت ڪردار لکيا پيا وڃن، پهرين اهڙا ڪردار نه هوندا هئا. هن چيو ته جڪڏهن ٻه ڏهاڪا پٺتي نظر ڊوڙائي ڏٺو وڃي ته بالي ووڊ ۾ اهڙيون ڪيئي فلمون ملنديون جن هيرو يا هيروئن جو ڪردار  تمام اهم هوندو هو، پر هاڻي ايئن نه آهي. هن اعتراف ڪيو ته هاڻي ڪنهن به فلم جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ هيرو يا هيروئن کي نه پر فلم جي ڪاسٽ کي ملي ٿو. 20 سال اڳ نوان اداڪار اهڙا ڪردار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا جيڪي بنهه مختصر هوندا هئا.هن چيو ته هن وقت نئين نسل جا اداڪار هر طرح جا مختصر يا هاڪاري ڪردار خوشي سان ادا ڪندا آهن ۽ ڪو به هيرو يا هيروئن جي ڪردار جي گُهر نٿو ڪري. گذريل 5 سالن ۾ بالي ووڊ جي ڪهاڻي، پلاٽ ۽ ڪردارن ۾ تمام گھڻو فرق آيو آهي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں