ڪنگنا کي فلم مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي مايوس ڪري ڇڏيو

4Shares

ممبئي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باغي اداڪارا ڪنگنا رناوت جي فلم مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي ريليز جي پهرين ڏينهن سٺي شروعات ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. فلم پهرين ڏينهن  8 ڪروڙ 75 لک رپيا ڪمائي سگهي. اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهجي فلم مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي جي ڪري گذريل ڪجهه عرصي کان ڀارتي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. ڪنگنا رناوت فلم بابت تمام گھڻو پر جوش هئي ۽ کيس پوري ڀروسو هو ته سندس فلم باڪس آفيس تي ڪاميابي ماڻيندي، پر 125 ڪروڙن جي بجيٽ مان ٺاهيل فلم ريليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن صرف 8 ڪروڙ 75 لک رپين جو بزنس ڪري سگهي. ميڊيا رپورٽن موجب فلم کي پنهنجو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينهن ڊبل ڪمائي ڪرڻي پوندي ۽ ٽئين ڏينهن ان ۾ وڌيڪ ٿيڻ گھرجي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں