ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رمضان گهانچي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ واري واقعي تياپوزيشن پاران سخت احتجاج، ايوان گو زرداري گو ۽ گو نيازي گو جي نعرن سان گونجندو رهيو، مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جي ميمبرن پاران هڪ ٻئي تي الرون. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس صبح ساڍي 11 وڳي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، تلاوت ڪلام پاڪ کان بعد پي ٽي آءِ جي ايم پي اي رمضان گهانچي جي زخمي ٿيڻ تي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم چيو ته ايم پي اي کي زخمي ڪيو ويو آهي، شهر ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، حڪومت کي گهرجي ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪري، جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا خاطري ڪرائي ته ٻه جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، آءِ جي سان به ڳالهايو آهي، مڪمل انصاف ڪيو ويندو، ان دوران پي ٽي آءِ ميمبر سيٽن تي اٿي بيهي رهيا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج ڪندي چيو ته سوال جواب کان پهرين ٺهراءَ پيش ڪيون ٿا، ان کي ورتو وڃي، جنهن تي سرڪاري ڌر مخالفت ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن اسپيڪر جي روسٽرم آڏو پهچي احتجاج ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. پي ٽي آءِ ميمبرز طرفان اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان گو زرداري گو جا نعرا هنيا، جنهن تي سرڪاري بئنچز تي ويٺل ميمبرز به گو نيازي گو جا نعرا هنيا. حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڌي وٺ ٿي ۽ ميمبرز هڪٻئي تي الرون به ڪيون. ان دوران پ پ جي ميمبرن ۽ پي آءِ ميمبرن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون پر ان دوران صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ميمبر سعيد آفريدي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ان دوران ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو ۽ ميمبرن هڪٻئي کي ڌڪا پڻ ڏنا، ۽ الرون ڪيون، جڏهن ته پ پ جي سعيد غني، امتياز شيخ ۽ پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ڇڏيو، اسپيڪر 10 منٽن لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، وقفي دوران پي ٽي آءِ ميمبرن جو اسپيڪر ڊائيس آڏو ڌرڻو جاري رکيو ۽ نعريبازي ڪندا رهيا. اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته اسپيڪر سوالن جوابن جي ايجنڊا شروع ڪئي ته جي ڊي اي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته مان پنهنجن سوالن تان هٿ ٿو کڻان، پر اسپيڪر چيو ته سوال ايجنڊا جو حصو آهن ۽ ايوان ۾ اچي به چڪا آهن. تنهنڪري ميمبر ضرور سپيلمينٽري سوال پڇندا. جنهن بعد صوبائي وزير ناصر شاهه کان سوال پڇڻ وقت اپوزيشن ميمبر احتجاج ڪندا رهيا، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر جي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟