اسلام آباد (بيورو) حڪومت 50 ملڪن کي آن ارائيول ويزا جڏهن ته 175 ملڪن جي شهرين کي اي ويزا جي سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومت جي اعلان بعد 50 ملڪن جي شهرين کي پاڪستان پهچڻ بعد ايئرپورٽ تي ويزا جي سهولت هوندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ نئين ويزا پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن تحت 50 ملڪن جي شهرين کي ويزا آن ارائيول جڏهن ته 175 ملڪن کي اي ويزا جي سهولت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته برٽش ۽ آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ ڀارتي شهرين کي ويزا آن ارائيول جي سهولت هوندي، ڪوشش آهي ته نئين پاڪستان جي معيشت ٽور ازم لاءِ بنياد بڻجي. سندس چوڻ هو ته شاگردن کي مختلف مدي ۾ ويزائون جاري ڪيون وينديون، ڊگري پروگرام لاءِ ٻه سال جڏهن ته ماسٽر پروگرام لاءِ چئن سالن جي ويزا ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته اهڙي نموني صحافين کي لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم ويزا جاري ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم جي ايوان ۾ آمد تي مخالف ڌر جو رويو سٺو نه هو، شهباز شريف وزيراعظم کي سليڪٽڊ چيو ۽ وزيراعظم جي آمد تي طعنا ڏيڻ سان گڏ مهڻا ڏنا ويندا آهن، اسان کي پارليامينٽ جو گهڻو احترام آهي، مخالف ڌر کي به وزيراعظم جو احترام ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جن جي پنهنجي ڪا حيثيت ناهي اهي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته توهان ڪٿان آيا آهيو، وزيراعظم جي عزت اسان تي مقدم آهي، ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻجڻ نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ سعد رفيق خلاف نيب انڪوائري مذاق بڻجي وئي آهي، سندن پروڊڪشن آرڊر جاري ٿين ٿا ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي. فواد چوڌري چيو ته ماڊل ٽائون ۾ منصوبا بندي تحت قتل عام ڪيو ويو، ساهيوال واقعو ته غلطي سان ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ وارن جون دليون اڄ ڪلهه ڪمزور آهن مٿن وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، وزيراعظم سنڌ جا دورا ڪندو، پاڪستان کي خطرو ناهي پر سنڌ جي زردارن کي خطرو آهي. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن کي وزيراعظم جو احترام ڪرڻ گهرجي، ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم جي ايوان ۾ آمد تي مخالف ڌر جو رويو مناسب نه هيو، شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي سليڪٽڊ چيو. سندس چوڻ هو ته جن جي پنهنجي حيثيت ناهي، اهي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته توهان ڪٿان آيا آهيو، پارليامينٽ جو احترام ڪريون ٿا، شهباز شريف ۽ سعد رفيق خلاف نيب جي انڪوائري مذاق بڻجي وئي آهي، پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيندا آهن ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جو دورو ڪندو، پاڪستان کي ڪو به خطرو ناهي پر سنڌ جي زردارين کي خطرو ٿي پيو آهي، ماڊل ٽائون ۾ منصوبابندي تحت قتل عام ڪيو ويو، ساهيوال واقعو ته غلطي سان ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟