امام الحق تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻيون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

1Shares

سينچورين(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر امام الحق ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻيون ڪرڪيٽر بڻجي ويو. امام الحق ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي 19هين اننگز ۾ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيون. هن انهيءَ ميچ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي پنجين سينچري پڻ اسڪور ڪئي ۽ 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هزار رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ پاڪستان جي فخر زمان وٽ آهي، جيڪو هن 18 اننگز ۾ ٺاهيو. ان کانسواءِ بابر اعظم، ويون رچرڊز، ڪيون پيٽرسن، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ جوناٿن ٽروٽ 21 اننگز ۾ هڪ هزار رنز مڪمل ڪري ٽئين نمبر تي آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں