سينچورين(اسپورٽس نيوز) سينچورين ۾ کيڏي ويندڙ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ڪاميابي لاءِ 318 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. سينچورين ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، فخرالزمان ۽ امام الحق اننگز جيشروعات ڪئي پر فخر جي خراب ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رهيو ۽ هو صرف 2 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين واپس هليو ويو جنهن کانپوءِ بابر اعظم امام سان گڏجي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 132 جي حصيداري قائم ڪئي، ان دوران ٻنهي بيٽسمين پنهنجون ففٽيون پوريون ڪيون جڏهن ته بابر اعظم 68 رنسن جي اننگز کيڏي ڊيل اسٽين جو شڪار بڻجي ويو. ان کانپوءِ محمد حفيظ ۽ امام الحق وچ ۾ به 84 رنسن جي حصيداري قائم ٿي، هاشم آملا 10 رنسن تي ڪيچ ڇڏي حفيظ کي موقعو ڏنو جنهن جو ڀرپور فائدو کڻندي تجربيڪار بيٽسمين ففٽي اسڪور ڪئي ۽ 52 رنسن تي ربادا جي هٿان پويلين واپس موٽي ويو، ان دوران امام الحق سستي سان پنهنجي اننگز جاري رکي ۽ ڪيريئر جي پنجين سينچري اسڪور ڪندي 116 بالن تي 101 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. امام الحق ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهيندڙ ٻئين ڪرڪيٽر جو اعزاز به پنهنجي نالي ڪيو، اهو اعزاز هن 19 ميچن ۾ حاصل ڪيو جڏهن ته تيز ترين هڪ هزار رنيون ٺاهيندڙ پهريون ڪرڪيٽر به پاڪستاني آهي، قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين اهو ڪارنامو 18 ميچن ۾ انجام ڏنو، بابر اعظم 21 ميچن ۾ تيز ترين هڪ هزار رنسون ٺاهي ٽئين نمبر تي موجود آهي. شعيب ملڪ ۽ عماد وسيم آخري اوورن ۾ جارحاڻي راند پيش ڪندي 52 رنسن جي حصيداري قائم ڪئي، شعيب ملڪ 31 رنسون ٺاهي ربادا جو شڪار بڻيو جڏهن ته عماد وسيم 23 بالن تي 43 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڏکڻ آفريڪا مان ڊيل اسٽين ۽ ڪاگيسو ربادا 2،2 ۽ ڊيبيو ڪندڙ هينڊرڪس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. هدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا پاران اننگز جي شروعات ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ هاشم آملا ڪئي، پر 25 جي انفرادي اسڪور تي هاشم آملا حسن علي جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڊي ڪوڪ کي 33 جي انفرادي اسڪور تي شاداب خان شاندار ٿرو ڪري رن آئوٽ ڪيو. ڏکڻ آفريڪا 17هين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنز ٺاهيون هيون ته برسات شروع ٿي وئي، جنهن ڪجهه دير لاءِ ميچ روڪي وئي. جڏهن ته 187 جي انفرادي اسڪور تي ٻيهر برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب ڊڪ وٿ لوئس تحت ڏکڻ آفريڪا جي ميچ کٽڻ جا امڪان وڌي ويا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟