سارا علي خان ۽ سيف علي خان فلم ۾ گڏ نظر ايندا

3Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا سارا علي خان جڏهن پنهنجي پيءُ اداڪار سيف علي خان سان گڏ ڪافي ود ڪرن شو ۾ آئي، ته هر ڪنهن شو جي ان قسط کي بي حد پسند ڪيو، جنهن جو سبب سارا علي خان ۽ سيف علي خان جو هڪ ٻئي سان مزاحيه رويو ۽ سارا جو ٽيلينٽ هو. ۽ هاڻي وري ٻيهر هو اسڪرين تي گڏ نظر اچڻ وارا آهن، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته هاڻي هو ڪنهن شو ۾ نه پر فلم۾گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا. رپورٽن موجب هدايتڪار امتياز علي پنهنجي ڪامياب فلم “ لو آج ڪل” جي سيڪيول جي اسڪرپٽ تيار ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ هنن سارا علي خان ۽ سيف علي خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.اهي ٻئي ان فلم ۾ به پيءُ ۽ ڌيءُ جي ڪردارن ۾ نظر ايندا.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں