ويسٽ انڊين وومين ڪرڪيٽ ٽيم 15 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪندي

1Shares

لاهور (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز وومن ٽيم ڪراچي ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندي پهرين ميچ 31 جنوري تي کيڏي ويندي. تفصيلن موجب مهمان ڪرڪيٽرز جي مختصر دوري جي حوالي سان شڪ شعبا ختم ٿي ويا پهريون ميچ 31 جنوري تي کيڏي ويندي، جڏهن ته پهرين ۽ ٽين ميچ جو 31 فيبروري تي شيڊول ڪيو ويو آهي. ٽئي ميچز سائوٿ اينڊ ڪلب ۾ کيڏيون وينديون. ڪراچي ۾ ميچز کانپوءِ مهمان ٽيم دبئي ۾ 3 ون ڊي ميچ کيڏندي. واضح رهي ته ويسٽ انڊيز وومن ٽيم جو اهو 15 سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو آهي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته ويسٽ انڊين ٽيم جو دورو پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جي حوالي سان هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ ۾ مثالي لاڳاپا رهيا آهن جيڪي ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں