سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد منتقل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور، ارسا جي پاڻي ورڇ فارمولي تي اعتراض آهي: وڏو وزير

6Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي پي آءِ اي هيڊ ڪوارٽر کي ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي تعصب تي ٻڌل عمل قرار ڏيندي مذمتي ٺهراءَ منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ جي استحقاق واري تحريڪ کي اسپيڪر ضابطن جي ابتڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، اپوزيشن پاران شديد احتجاج، نعريبازي، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو اڇلايون ويون، ايوان مان/ واڪ آئوٽ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ لبيڪ پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڏنو. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾   پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف  پ پ جي ايم پي اي ندا کهڙو ٺهراءُ پيش ڪيو، هن ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت صوبن کي خود مختياري ڏيڻ نه ٿي چاهي، جڏهن کان پي آءِ اي ادارو ٺهيو آهي تڏهن کان ان جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي، ڪراچي انٽرنيشنل شهر آهي، هن چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ مان ووٽ نه ملڻ تي سڀ شيون سنڌ کان منتقل ڪيون پيون وڃن، پاڻي بعد ناڻو به نه ٿو ڏنو وڃي، پي آءِ اي جي منتقلي جو سبب ته ٻڌايو وڃي، رڳو افراتفريح ڦهلائي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد جميل به ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته گادي اري هنڌ جي نالي تي ڪجهه ادارا اسلام آباد بدران لاهور منتقل ڪيا ويا، هن چيو ته سنڌ وفاق کي هلائڻ لاءِ وڏي بجيٽ ڏئي ٿو، واپس ان کي پنهنجو حصو به نه ٿو ملي، ان ڪري ائير لائين جو هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد بدران ڪراچي ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ ان کي منافعي وارو بڻايو وڃي، ايم ايم اي جي عبدالرشيد چيو ته تبديلي ادارن جي منتقلي سان نه ايندي آهي، هنن جو وس هلي ته قائد جي مزار به اسلام آباد کڻي وڃن، ايم ڪيو ايم جي جاويد حنيف چيو ته پي آءِ اي هيڊ ڪوارٽر کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ گريٽر گيم جو حصو آهي، هن چيو ته ڪراچي جو عوام باشعور آهي، حڪمرانن جو وس هلي ته سمنڊ به ڪراچي کان اسلام آباد منقتل ڪري ڇڏين، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان وفاق کي گڏيل نوٽيس ڏيڻ چاهيون ٿا ته وفاق سنڌ ۾ پي آءِ اي جو هيڊ ڪوارٽر ٻئي هنڌ منتقلي وارو عمل روڪي، جي ڊي اي جي شهريار مهر به ٺهراءَ جي حمايت ڪئي، جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جي ايوان گڏيل راءِ سان پي آءِ اي جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي کان اسلام آباد منتقلي خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ورتو، جڏهن ته   ايم ايم اي جي عبدالرشيد وفاقي حڪومت جي ڪراچي پئڪيج ۾ لياري کي شامل ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پڻ منظور ڪيو ويو، عبدالرشيد ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته لياري ۾ 20 لک آبادي آهي پر انفرااسٽڪچر تباهه لڳو پيو ٺآهي، ان ڪري خاص پئڪيج ڏئي ان تي توجه ڏني وڃي، لياري لاءِ 2020 ۽ 2040 جو ويزن چاهيان ٿو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان ڪو جهيڙو ناهي، وفاقي حڪومت ۽ وڏي وزير کان لياري لاءِ مدد گهران ٿو، ٽي ايل پي جي قاسم فخري چيو ته لياري جي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي، ان بعد ٺهراءَ منظور ڪيو ويو،  پ پ جي رياض شاهه شيرازي ڪچي آبادين کي مالڪاڻا حق ۽ ڪوهستان جي آبادين کي مستقل ڪرڻ جو ٺهراءَ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، رياض شاهه ڳالهائيندي چيو ته ڪوهستان جي زمين ونڊ مل ۽ ائير فورس کي ڏني وئي آهي، صدين کان آباد ڳوٺاڻن جا ڳوٺ ۽ چراگاهه آهن، قبرستان به آهن، جتان ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، پاليسي ٺاهي زمين ڳوٺاڻن کي ڏني وڃي، پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر چيو ته ڪوهستان جابلو علائقو آهي، ٺٽو، ڄامشورو ۽ ملير تائين پکڙيل علائقي ۾ غريب ماڻهو رهن ٿا، اتي قانون ئي نه آهي، ماڻهن وٽ ڪو به رڪارڊ نه آهي، زمينون ۽ مالڪاڻا حق ته ويا پر هاڻ اهي گهر به بچائي نه پيا سگهن، جيڪو اچي ٿو اهو وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان زمين وٺڻ جي ڳالهه ڪري مقامي ماڻهن کي مالڪاڻن حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو، ان بعد اسيمبلي مان ٺهراءَ يڪراءَ منظور ڪيو ويو جڏهن ته ايوان پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ ايڊز پروگرام جي صوبائي مينيجر ڊاڪٽر يونس چاچڙ  خلاف تحريڪ استحقاق پيش ڪئي ته سرڪاري ڌر مخالفت ڪري ڇڏي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ميمبر وڊيو ڏيکاري گاريون ڏنيون ويون آهن ته اهي به ٻڌرايو، ڪردار تي ڪهڙواثر پيو آهي،  اسپيڪر حليم عادل شيخ ۽ مڪيش ڪمار کي ويهڻ جي هدايت ڪندي پيش ڪيل تحريڪ کي آئوٽ آف آرڊر  قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته مان صرف رول تي هلندو آهيان ۽ رول مان ناهي ٺاهيو ، مونکي هدايتون نه ڏنيون وڃن. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن تحريڪ کي رد ڪرڻ تي سيٽن تان اٿي احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اسان اجلاس جي ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسين، جنهن تي اسپيڪر چيو ته ايوان رڪشه ٽيڪسي ناهي جو ان کي هلڻ نه ڏيندا، ايوان جي ڪارروائي هلندي، ان بعد مخالف ڌر جا ميمبر نعريبازي ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ لبيڪ پاران پي ٽي آءِ جي واڪ آئوٽ ڪندڙ ميمبرن جي حمايت ڪونه ڪئي ۽ هو ايوان ۾ ويٺا رهيا. وڏي وزير مراد علي شاهه آبپاشي کاتي بابت  سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته  1991 جي تاريخي معاهدي   ۾ ٻه ماڻهو شامل هيا ريڪارڊ موجب ان ۾ هڪ سينٽر مظفر شاهه ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري عالم بلوچ شامل هئا ۽ فائنل تي صحيحون ان وقت جي وڏي وزير ڄام صادق جون ٿيل آهن،وڏي وزير چيو ته سنڌ کي پاڻي 48 فيصد گهٽ مليو جنهن سان 31 سيڪڙو فصل جي پيداوار گهٽ ٿي آهي هاڻي ڊسمبر ۾ ڪڻڪ جي پوک ٿيندي آهي ۽ پاڻي جنوري جي آخر ۾ ڏنو ويو آهي جيڪو به پاڻي هوندو آهي اهو قانوني طور تي ڏنو ويندو آهي 9.1 ملين ايم ايف پاڻي باقي وڃي رهيو آهي هن سال ڪوٽڙي ۾ ڊائون اسٽريم ۾ 1.5 پاڻي ڇوڙ ٿيو،مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي سوال ڪيو ته پاڻي جي تاريخي تڪرار کي حل ڇو نه ڪيو ويو ان معاهدي کي 27 سال گذري ويا آهن ان جا سبب ڪهڙا آهن جيو جواب ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 1991 جي معاهدي کان اڳ تاريخي يوزرز ٽرم نه هيا ان معاهدي کانپوءِ  صوبن ۾ مسئلا شروع ٿيا هن چيو ته جنرل مشرف هڪ تاريخي معاهدي تي سئو ڪال ٽرم استعمال ڪيو جيڪو رد ٿيو، ۽ چيو ويو ته ان مسئلي جو حل ارسا  طيح ڪندو، وڏي وزير چيو ته هن سال پاڻي شديد کوٽ آهي ۽ مسئلا به وڌي ويا آهن ان جي حل بابت سي سي آئي جي ايندڙ گڏجاڻي تي رکيل آهي اميد اٿم ته ان گڏجاڻي ۾ پاڻي تڪرار وارو مسئلو حل ٿي ويندو،هن چيو ته پاڻي جي ٽيلي ميٽري سسٽم واپڊا لڳائي رهيو هو جيڪو فيل ٿي ويو ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءَ وزير جي حيثيت سان اتي ويا سين ۽ اتي جهانگير ترين سان ملاقات ٿي، وڏي وزير چيو ته اسان کي اهو خدشو رهي ٿو ته تونسا کان هيٺ پاني اچڻ کانپوءَ شق شعبا وڌندا آهناسان چاهيون ٿا ان جو خاتمو ٿئي پر ان تي عمل درآمد نٿو ڪيو وڃي،ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي جي محمد حسين سوال ڪيو ته 1991 جي معاهدي تي هر سال تقريرون ٿينديون آهن معاهدي مامري کي حل ڇو ناهي ڪيو ويو ۽ پاڻي جي گهٽتائي دوران پيئڻ جي پاڻي لاءَ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن ”جو جواب ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جڏهن رڪارڊ ٺهيو تڏهن پ پ پ جي حڪومت نه هئي توهان جي حڪومت هئياهو ريڪارڊ تي موجود آهي اهو اشو تڏهن کان هلندو پيو اچي، عارف مصطفيٰ جتوئي سوال ڪيو ته آر بي او ڊي تي ڪيترو ڪم ٿيو آهي جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته آر بي او ڊي  ٽن حصن تي مشتمل آهي سنڌ ٻئي حصي تي ڪم ڪندي آهي جيڪو منڇر کان ويجهو آهي هڪ حصو وفاق ۽ ٽيو حصو بلوچستان ڪري رهيو آهي پهرين اسڪيم 11 اربکان شروع ٿي ۽ بعد ۾ 30 ارب جي ٿي هن وقت 67 ارب تائين وڃي پهتي آهي ليڪن وفاقي سرڪار ان کان هٿ ڪڍيون ويٺي آهي سپريم ڪورٽ وڃي زبردستي 2005 ۾ شروع ڪرايو ان لاءَ آر بي او ڊي 2 بابت جواب اسان ڏينداسين ۽ 3 جو جواب وفاق کان ورتو وڃي، ، وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ گٽڙ جي پاڻي کي حيدرآباد جي شهر کي پيئڻ جي پاڻي سان ملڻ کي روڪڻ جا حڪامات ڏنا، سنڌو دريا الڳ آهي ۽ آر بي او ڊي الڳ آهي سوال جي خبر ناهي پوءِ به پڇيو پيو وڃي، جنهن تي مخالف ڌر پاران احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو ان موقعي تي نصرت سحر عباسي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته اڄ ڪلهه توهان جي رويي ۾ به تبديلي ايندي ٿي وڃي خبر ناهي اهو رويو وڃي ڪٿي دنگ ڪندو وڏي وزير چيو ته تواهن زور ڏئي ڳالهايو ته ته مونکي به ڳالهائڻ جو حق آهي جنهن تي نصرت سحر کيس چيو ته ڳالهائڻ لاءَ اسان کي زبان آهي، ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته آر بي او ڊي 2 جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي 2014 کان منصوبو وڃي هاڻي 62 ارب جو ٿي ويو آهي انجنيئرز آخر ڪار منصوبن جي غلط منصوبا بندي ڇو ڪن ٿا؟ ان لاءَ اسان کي يونيوريسٽين کي درست ڪرڻو پوندو، وڏي وزير جواب ڏيندي چيو ته اسان ان تي اتفاق ڪيون ٿا ته منصوبابندي غلط ٿي آهي وسائل گهٽ ٿيڻ سان لاڳت وڌندي آهي ليڪن غلط منصوبابندي ۾ به مسئلا موجود آهن اهڙا منصوبا وفاق ۾ به پٺتي ٿيندي آهن، ملڪ اسد سڪندر چيو ته منصوبن جي غلطي سان اسان جا علائقا ٻڏندا آهن مشرف جي دور ۾ غلط پلان ٺاهيو ويو هو جنهن تي مخالف ڌر پاران گوڙ ڪيو ويو جنهن تي ملڪ سڪندر چيو ته مخالف ڌر ان لاءَ ڳالهائڻ نٿا ڏين ته هي مشرف جي بي ٽيم آهي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته آر بي او ڊي به وري وري ٺهڻ جو سبب غلط پلان آهي ريلوي ان جو ثبوط آهي انگريزن پاڻي جي نڪاسي لاءَ ڪيترتيون واهه ٺاهيا،ضياءَ الحق جي دور ۾ غلط حڪمت عملي جي ڪري منڇر تباهه ٿيو آر بي او ڊي ۾ سائفن پلان رکيو ويو اهو به ناڪام ٿي ويو، وڏي وزير چيو ته منڇر کي مينهن جو پاڻي چيو ويندو آهي هاڻي بارش گهٽ پئي ان ڪري منجهر ۾ پاڻي سڪي ويو، وڏي وزير چيو ته شهيدڀٽو جي دور ۾ دانستر کان پاڻي ايندو هيو جڏهن گهٽ ٿيو ته دريا جي ڪينال ذريعي منڇر کي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو هو  ان جو وسيلو بارش آهي هن چيو ته 1980 جي زماني ۾ آر بي او ڊي کان پاڻي وڃن سان منجهر جي پاڻي جو معيار تباهه ٿيو ان صورتحال تي عدالت پاران پاني خراب ٿيڻ تي 40 سيڪڙو پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هن چيو ته دل تڏهن ڏکندي آهي جڏهن منڇر تباهه ٿيندي ڏسون ٿا منڇر منهنجو تڪ آهي ٻين جي دل ڏکي يا نه ڏکي پر منهنجي دل روئيندي آهي منڇر ۾ پاڻي وجهڻ لاءَ پلائنٽيشن ۽ پمپنگ اسڪيم تيار ڪئي آهي منجهر کي بچائڻ لاءَ آر بي او ڊي تي ڪم جاري آهي. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾  جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ ڪيميائي بيڪٽريولاجيڪل ليبارٽري جي تباهي جا ڪهڙا سبب آهن ۽ ان جي بهتري لا۽ صحت کاتي ڪهڙا قدم کنيا آهن، نصرت سحر ڳالهائيندي رهي وقت ختم ٿيڻ تي اسپيڪر وقت ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو، صحت واري وزير عذرا پيچوهو بيٺي رهي جواب نه ڏئي سگهي، اسپيڪر وقت ختم ٿيڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي، ان تي مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج ڪيو،   ايم ڪيو ايم جي جمال صديقي جي تڪ 104 ۾ گندگي جي ڍيرن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جا ٺيڪا ناڪام ٿي ويا آهن، حڪومت ڇا پئي ڪري، ان تي جواب ڏيندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني اعتراف ڪيو ته سال اڳ ڪچري جا سنگين مسئلا هئا پر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڪم بعد بهتري آئي آهي، ٻن ٻن ضلعن ۾ ڪمپنيون الڳ الڳ ڪم ڪن پيون، بحران جو سبب سيپٽمبر بعد ادائگيون نه ٿيڻ آهي، هاڻي نون ايم ڊيز جي اچڻ بعد بهتري ايندي. سنڌ سرڪار صوبي ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جو خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ بنا رپورٽ جي علاج لازمي ٿيندو،  سرڪاري بل غور ويچار جي لاءِ سليڪشن ڪاميٽي حوالي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران حادثن ۽ واقعن جي زخمين بابت بل  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻ پيش ڪيو جنهن کي ٽن ڏينهن لاءَ سليڪشن ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، بل ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل ٻارڙي امل جهڙن واقعن کي روڪڻ جي آندو ويو آهي، اهڙو سرڪاري بل پوليس هٿان انڌي گولي ۾ شهيد ٿيل معصوم نياڻي عمل عمر جي نالي سان آندو ويو ”سنڌ زخمي ماڻهن جو لازمي طبي علاج (عمل عمر) بل2019 جي متن موجب صوبي ۾  اسپتال جو درجو حاصل ڪندڙ خانگي توڙي سرڪاري اسپتالن ۾  زخمي جو فوري علاج ڪرڻ لازمي هوندو، ڪا به اسپتال زخمي کي علاج ڪرڻ کان انڪار نه ڪندي ۽ نه ئي زخمي کي حراسان ڪيو ويندو، زخمي کان  يا ان جي ڪنهن وارث کان پئسا وٺڻ ڏوهه هوندو، تمام خرچ  حڪومت سنڌ ادا ڪندي، هر اسپتال ۾ تمام سهولتون ۽ 2 ايمولينسون هجڻ لازمي هوندو، ايمولينس ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو هجڻ به لازمي هوندو، زخمين کي هنگامي بنيادن تي علاج ڪيو ويندو، زخمي کي پهرين علاج بعد ان کي  سڀني مرحلن مان گذاريو ويندو جيستائين هو مڪمل ٺيڪ نٿو ٿئي تيستائين علاج جاري رکيو ويندو، اسپتال  ۾ ڪو به ڊاڪٽر ميڊيڪو ليگل جي گهر نه ڪندو، زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر ٿيڻ تي ڪنهن به سرڪاري اسپتال ڏانهن ريفر ڪري سگهجي ٿو، زخمي جي علاج لاءَ ڪا به اسپتال مريض يا ان جي ڪنهن به  وارث جو انتظار نه ڪندي، زخمي کي اسپتال داخل ڪندڙ فرد کي حراسان ڪرڻ ڏوهه هوندو، قانون جي خلاف ورزي تي پنج لک روپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو، قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ هلندو،  عدالت ڪنهن مرحلي تي ملزم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. بل پيش ڪرڻ وقت شهيد ٻارڙي جا والدين اجلاس ۾ ويٺا رهيا، جڏهن ته  اسيمبلي بلڊنگ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ٻارڙي امل جي والدين جو چوڻ هو ته واقعو پيش اچڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، حڪومت جيڪڏهن پنهنجون غلطيون درست ڪندي ته اسان ان ڳالهه ۾ خوش آهيون.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں