حددخليون ڪيس: سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد، آرڊر جاري ڪيو ته حڪومت لڏي ويندي: سپريم ڪورٽ

1Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ حد دخليون هٽائڻ واري ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد ڪندي ڪراچي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ وڏي وزير کي ڪابينا جو اجلاس گهرائي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت چيو ته سنڌ حڪومت جي رپورٽ تي آرڊر جاري ڪيو ته حڪومت لُڏي ويندي، ڊي ايڇ اي وارن جو وس پُڄي ته سموري سمنڊ تي شهر اڏي ڇڏين، ايئرپورٽ تي حملي واري هنڌ شادي هال ٺهي ويو، ڇا اوهان کي خدا جو خوف نه آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته آخر شهر جو ڪرڻو ڇا آهي؟. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حد دخلين خلاف آپريشن بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري  سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. جسٽس گلزار احمد سنڌ سرڪار پاران پيش ڪيل ڪي ڊي اي جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته هي رپورٽ ڪنهن ڪم جي ناهي،سٺو هوندو ته رپورٽ واپس کڻي وڃو. جسٽس گلزار احمد چيو ته هن رپورٽ تي اسان آرڊر جاري ڪيو ته حڪومت لڏي ويندي، بيوروڪريٽس رڳو پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن، عوام سان انهن جو واسطو ناهي. جسٽس گلزار احمد  چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب اوهان وٽ ممتاز علي شاهه جهڙو سٺُو چيف سيڪريٽري آهي پوءِ به ڪجه نٿا ڪري سگهو. جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته ڏسو ته ڪي ڊي اي وارن ساموندي پٽي سان ڇا ڪيو آهي، ڊي ايڇ اي وارن جو وس هلي ته پوري سمنڊ کي شهر بڻائي ڇڏين. جسٽس گلزار چيو ته ڊي ايڇ اي وارن جو وس هلي ته هو انڪروچمينٽ ڪري آمريڪا تائين پنهنجا جهنڊا لڳائي ڇڏين. جسٽس گلزار احمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڊي ايڇ اي وارا سوچي رهيا آهن ته اسان ڀارت ۾ ڪهڙي ريت داخل ٿي سگهون ٿا. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڊي ايڇ اي وارا لاهور کان ڀارت ۾ داخل ٿيڻ جو سوچي رهيا آهن. عدالت جو چوڻ هو ته  ملٽري لينڊز تي ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرڻ ۽ ملير ندي تي قائم سموريون عمارتون مسمار ڪيون وڃن. عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اجلاس ۾ سمورا سيڪريٽريز شرڪت ڪن. عدالت چيو ته اجلاس ۾ ڪراچي شهر کي اصل ماسٽر پلان تحت بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي، ايندڙ هفتي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڪابينا جو فيصلو به شامل ڪيو وڃي. عدالت سموري ملٽري لينڊز تي ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڇا نيوي، سول ايوي ايشن جهڙن ادارن جو ڪم شادي هالز هلائڻ آهي؟ جسٽس گلزار احمد چيو ته سي او ڊي جي  مطلب جي ڪنهن کي خبر آهي، ان جو مطلب هٿيار ذخيرو ڪرڻ جو هنڌ هوندو آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته خدا جو خوف ڪيو، اهڙي هنڌ اوهان شادي هالز هلائي رهيا آهيو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں