پوليس کي سڌيون گوليون هلائڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو؟ ٻيهر اهڙو واقعو نه ٿيڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ

1Shares

لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ ساهيوال سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻ لاءِ ٻه رڪني بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس سردار محمد شميم خان رمارڪس ڏنا آهن ته اهڙي طرح جو واقعو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي، سمورن ڊي پي اوز کي آگاهه ڪيو وڃي. رپورٽن مطابق ساهيوال سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جوڙيندي واقعي جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي ميمبرن کي 4 فيبروري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. درخواست تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ سردار محمد شميم خان ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت جي حڪم تي آءِ جي پنجاب امجد جاويد سليمي پيش ٿيو ته چيف جسٽس سردار محمد شميم خان آءِ جي پنجاب کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪهڙي جاچ ٿي آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سمورن شاهدن جا بيان رڪارڊ ناهن ڪيا ويا. ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آءِ جي صاحب اها وڏي ظلم جهڙي ڳالهه آهي، مون کي ٻڌايو پوليس کي ڪيئن اختيار آهي ته هو سڌيون گوليون هلائي؟ آءِ جي پنجاب جواب ڏنو ته گوليون هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي جي آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪيترن ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندي؟ آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 ڏينهن گهرجن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سمورن ڊي پي اوز کي آگاهه ڪريو ته اهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي. ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ معاملي جي اهميت کي ڏسندي ٻه رڪني عدالتي بئنچ جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته 4 فيبروري تي جي آءِ ٽي ميمبرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪيو ويو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں