آءِ ايم ايف وٽ تڏهن وينداسين جڏهن شرط معيشت ۽ عوام لاءِ بهتر هوندا: وفاقي سرڪار

1Shares

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ وقت گهربل آهي، 5 سالن ۾ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين، آءِ ايم ايف وٽ تڏهن وينداسين جڏهن شرط معيشت ۽ عوام لاءِ بهتري هوندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته  روڊ ميپ جي شروعات ٿي چڪي آهي، پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو، دوست ملڪن اسان کي سپورٽ ڪيو آهي، جيڪا خطري جي گهنٽي وڄي رهي هئي، اها رڪجي وئي آهي، اسان جڏهن حڪومت سنڀالي ته خطرناڪ صورتحال هئي. هن چيو ته معيشت جا بنياد بهتر ڪرڻ کانسواءِ ترقي ناممڪن آهي، مني بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، معاشي ترقي لاءِ جي ڊي پي جي تناسب سان سيڙپڪاري جي شرح 30 سيڪڙو گهربل آهي، اسان جي قدمن سان هاڻ تبديلي نظر ايندي، آءِ ايم ايف سان رابطو آهي. سندس چوڻ هو ته گوڏا کوڙينداسين نه کي کوڙڻ جي جي ضرورت آهي، پاڪستان آزاد ملڪ آهي، ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، گهريل ۽ موڪليل شين ۾ فرق وڌندو پيو وڃي، صورتحال ۾ بهتري لاءِ بنيادي روڊ ميپ اختيار ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته  مني بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه هنيو ويو، ان ئي پارليامينٽ جي مدي ۾ اها تبديلي نظر ايندي جيڪا اڄ تائين نه ٿي سگهي. هن چيو ته بجيٽ خسارو ۽ پرڏيهي خسارو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو هو، حڪومت ان صورتحال مان نڪرڻ چاهي پئي، 19 ارب ڊالرن جو خسارو رڪارڊ هو، اڳوڻي حڪومت جي پاليسين سبب اهو خسارو ٿيو. اسد عمر چيو ته حڪومت خسارو ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا، ڪجهه پاليسين جي اثرن ۾ وقت لڳندو، دوست ملڪن غير معمولي امداد ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جي دنيا ۾ ساک آهي، فوري خطري جي گهنٽي وڃڻ بند ٿي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته اڃان به تمام گهڻو اڳتي وڃڻ جي ضرور آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان کان اڳتي نڪري چڪا آهن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں