عوام پوليس نظام مان مايوس ٿي چڪو، عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿو ٿئي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

9Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڪيورٽي ادارن کي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 14 فيبروري تي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اسان محسوس ڪيو آهي ماڻهو ان نظام مان مايوس ٿي چڪا آهن، ماڻهو سمجهن ٿا پوليس انهن لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري، حڪمن باوجود شهري بازياب نه ٿا ڪرايا وڃن ۽ نه ئي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته پيرسن عورتون پنهنجي ٻچن جي بازيابي لاءِ ڌڪا کائي رهيون آهن، هاڻي ته عورتون لاپتا ماڻهن جي ڪيسن جي پيروي لاءِ عدالت به نه ٿيون اچن. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ ٻڌايو ته صوبائي فورس جي رپورٽ گهرو سيڪريٽري جي صحي نه هئڻ ڪري پيش نه ڪري سگهياسين، جنهن تي عدالت چيو گهرو سيڪريٽري کي صحي ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، ايترا ماڻهو گم آهن، ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي. ٻڌڻي دوران رپورٽ دير سان پيش ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ، گهرو سيڪريٽري، پوليس اختيارين کان وضاحت گهري ورتي. ان موقعي تي عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ 14 فيبروري تائين آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں