قومي اسيمبلي ۾مراد سعيد تقرير دوران اپوزيشن جو هنگامو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون

2Shares

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج هنگامو ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون قومي اسيمبلي جو اجلاس اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو مراد سعيد جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ چور چور جانعرا هنيا حڪومت ميمبرن پڻ  سيٽن تان اتي بيهي گو زرداري گو ۽ گو نوا زشريف گو جا نعرا هنيا حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن جي نعريبازي سبب ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو مراد سعيد ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته جنهن به ملڪ جو پئسو لٽيو انهن کان پائي پائي واپس وٺنداسين ماڊل ٽائون ۾ ماڻهن تي گوليون هلائيندڙ جيل ويندا هن چيو ته اپوزيشن ۾ ڳالهه ٻڌڻ جي سگهه ناهي زرداري صاحب چوي ٿو مان انهن کي سيکاريندس سنڌ ۾ ٻار بک پيا مرن سنڌ پوليس جا اهلڪار ڏوهن ۾ ملوث آهن عمران خان اقتدار ۾ آيو ته آمريڪا به چوي ٿو ته اسان جيمدد ڪريو مراد سعيد جي تقرير دوران مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر جي ڊاٽس آڏو گڏ ٿي ويا ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي روزدار نعرا هنيا هنگامي سبب اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں