اسلام آباد (بيورو) حڪومت مني بجيٽ ۾ بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز تي فائلرز لاءِ ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ عوام کي قرض فراهم ڪرڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪندي چيو ته ٽيڪس ريٽرنز فائل نه ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي 1300 سي سي تائين گاڏي خريد ڪري سگهندا، مان وضاحت پيش ڪري رهيو آهيان ته اها نئين بجيٽ نه پر معيشت جي بهتري ۽ صنعتن جي بهتري لاءِ سڌارا پيش ڪيا پيا وڃن، اسان کي اهڙو ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن اڳتي آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پئي ته جيئن ايندڙ حڪومت اهو نه چئي ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ورتو، ايندڙ هفتي معاشي فريم ٺاهي پيش ڪنداسين. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ اسد عمر جي تقرير دوران ”ڪوڙا ڪوڙا“ جا نعرا به هنيا ويا، جنهن تي اسد عمر به گذريل حڪومتن جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو. هن چيو خوشخبري آهي ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، بجيٽ اندر 6.6 ۽ ان کانسواءِ 800 اربن جو نقصان ڇڏي ويا آهن، ان کي پورو نٿا ڪري سگهون، هنن جيڪا معيشت ڇڏي، ان ۾ برآمد 70 کان 40 سيڪڙو رهجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيستائين سيڙپڪاري نه هوندي ته ملڪ جي معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، تنهن ڪري سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ بچت جي ضرورت آهي پر گذريل حڪومت بچت خطرناڪ حد تائين ڇڏي آهي، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. اسد عمر چيو ته ڪئميرا ۾ رڪارڊ ٿي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عمران خان کي چونڊون خريدڻ نه پوندو، گردشي قرضن جو خسارو گهٽ ٿيندو ۽ قرضن ۾ گهٽتائي ايندي، ڇو ته اسان رڳو زبان سان پاڻ کي خادم اعليٰ نه چونداسين. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل پنجاب حڪومت ايترا اشتهار ڏنا جو 40 ارب رپيا جو خسارو ڇڏيو، جڏهن ته پرويز خٽڪ ڪي پي ۾ خساري کي فائدو پهچايو. ٻيو فنانس ترميمي بل پيش ڪندر اسد عمر چيو ته ڪاروبار اهم هوندو آهي، جيستائين اهو مضبوط نه هوندو معيشت بهتر نٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري بئنڪ جي سود جي شرح گهٽ ڪرڻ ۽ انهن صنعتن کي قرض لاءِ جيڪو ٽيڪس هوندو آهي ان کي 20 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو ويندو، جيڪو اڌ هوندو. هن چيو ته زراعت اسان جو ٻيو هدف آهي ته زرعي بئنڪن جي ٽيڪس کي 39 مان گهٽائي 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، ٽئين نمبر تي اسان گهر ٺاهڻ جي شعبن ۾ حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون ۽ 50 لک رپين جو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ ننڍن گهرن لاءِ جيڪو قرض ڏينداسين، ان ۾ ٽيڪس 39 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون ۽ 5 ارب رپين جي قرض جي اسڪيم آڻي رهيا آهيون، جنهن ذريعي غريبن لاءِ گهٽ لاڳت تي گهر ٺاهينداسين. سندس چوڻ هو ته بئنڪنگ جي ڊپازٽ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳي هو پر اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي فائلر ٺاهڻ جي صلاح ڏيندي ود هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورين نان بئنڪنگ ڪمپنين تي سپر ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، امپورٽيڊ موبائيل فون تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي وڌائي وئي آهي، نان فائلر وڌيڪ ٽيڪس ڏئي 1300 سي سي تائين گاڏي ۽ 50 لک رپين تائين جائيداد خريد ڪري سگهندا، ننڍن شادي هالن تي ٽيڪس 20 هزار مان گهٽائي 5 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، اخباري ڪاغذ تي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، 1800 سي سي کان وڌيڪ گاڏين جي خريداري تي ٽيڪس لڳندو، نيون صنعتون لڳائيندڙن لاءِ ٽيڪس ۾ 5 سالن لاءِ ڇوٽ هوندي، سيڙپڪاري ڪندڙ ۽ صنعتڪارن کي به رعايت ڏني وئي آهي. اسد عمر چيو ته خام مال تي لاڳو درآمدي ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، هوم اپلائبسز جي خام مال تي ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، فرنيچر ۽ سري ميڪس جي خام مال تي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ڊائپرز ۽ سينيٽري شين جي خام مال تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، آبادگارن لاءِ ڊيزل انجڻ تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، هٿرادو بُڪين ۽ ڊائلاسز سميت طبي اوزارن ۽ شين تي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ڀاڻ جي شعبي تي ٽيڪس گهٽائي في ٻوري 200 رپيا سستي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟