“ميئر ۽ چيئرمين کي سادي اڪثريت سان هٽائي سگهبو” سنڌ اسيمبلي ۾ ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو هنگامو، واڪ آئوٽ

4Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو مسودو اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، ترميمي بل موجب  ميئر، ڊپٽي ميئر، چئرمين ۽ وائس چئرمين کي ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت بدران هاڻي سادي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو اپوزيشن پاران اهڙي ترميمي قانون تي سخت احتجاج ڪارو قانون نامنظور جا نعرا. اسپيڪر جي روسٽرم آڏو ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي احتجاجن ايوانجو واڪ آئوٽ ڪيو، اپوزيشن جي غير موجودگي دوران ترميمي قانون کي ايوان منظور ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو،اجلاس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ ۽ دعا بعد مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سعيد غني  مڪاني کاتي جي قانون ۾ ترميم بابت سرڪاري بل نمبر 1  آندو جنهن ۾ 7 ترميمون جنهن مان 6 ترميمون اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي ڪيون ويون ۽ هڪ ترميم پنهنجي طرفان ڪئي وئي، ترميمي بل مخالف ڌر جي گوڙ ۽ نعرن ۾شق وار منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، بل پيش ڪرڻ وقت مخالف ڌر گوڙ ڪندي ڪارو قانون نا منظور جا نعرا هنيا،   مّخالف ڌر ميمبرن نعريبازي ڪندي اسپيڪر روسٽروم اڳيان اچي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.مڪاني نظام بابت ترميمي بل موجب  ميئر، ڊپٽي ميئر، چئرمين ۽ وائس چئرمين کي ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت بدران هاڻي سادي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو، ترميمي بل ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن جي استعيفيٰ بابت پڻ شق شامل ڪئي وئي آهي. بل تحت مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا هاڻي استعيفيٰ ڪائونسل بدران ايڊمنسٽريٽو ڊپارٽمينٽ کي موڪليندا بل تحت جيڪڏهن مڪاني چونڊن ۾  ٻه اميدوار برابر ووٽ کڻن ٿا ته انهن ٻنهيءِ کي اليڪشن ڪميشن ڪامياب قرار ڏيندو  ۽ ان مدت ۾ اڌ مدت هڪڙو ۽ اڌ مدت ٻئي کي ڏني ويندي، اڳ  واري مدت ۾ ڪهڙو ميمبر ايندو  ان لاءِ اليڪشن ڪميشن پاران ٽاس ذريعي فيصلو ڪيو ويندو. بل پيش ٿيڻ کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ  فردوس شميم نقوي چيو ته سرڪاري بلن آڻڻ کان اڳ مخالف ڌر کي به شامل ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ اسان کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي، هڪ ننڍي ترميم آڻي اسيمبلي جو تقدس پامال نه ڪيو وڃي، پارٽيون بل کي ڏسڻ چاهين ٿيون ان ڪري  جلدي نه ڪرڻ گهرجي، خواجه اظهار الحسن چيو ته هن قانون جي مخالفت اسان اڳ به ڪئي هئي، هن قانون ۾ عام ماڻهن کي اختيار نه ڏنا ويا آهن جيڪا ترميم آندي پئي وڃي ان کي ڏسڻ لاءِ مخالف ڌر اعتماد ۾ ورتو وڃي.جڏهن ته بل بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته  اجلاس کان اڳ مون تمام پارٽين سان ترميم بابت ڳالهايو.جن مون سان اتفاق ڪيو هو،هن چيو ته 7 ترميمون آهن جن مان 6 ترميمون اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي آنديون ويون آهن جنهن تحت مڪاني کاتي ۾ هاڻي ميئر ، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائس چئرمين کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت بدران سادي اڪثريت سان هٽائي سگهبو، هن چيو ته ترميمي قانون کان اڳ  چونڊيل نمائندا فنڊ جاري نه پيا ڪري سگهن جنهن سان معاملا خراب ٿيل هيا. هن چيو ته  ترميم کانپوءِ فنڊن جا معاملا فوري حل ٿيندا ۽ عوام  جا مسئلا حل ٿيندا، هن چيو ته مخالف ڌر مون سان اتفاق ڪيو هو پر هاڻي  انهن جي مخالفت سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر کي انهن ترميمن تي اعتراض آهي ته اهو ٻڌائن انهن جو اعتراض غلط آهي هو ميڊيا ۾ اچڻ لاءِ مخالفت ڪن ٿا، هن چيو ته  ايم ايم اي ۽  ٽي ايل پي جو شڪر گذار آهيان جن ترميمن کي سپورٽ ڪيو آهي،ان کان اڳ  ايوان ۾ ترميمي بل پيش ٿيڻ بعد  مخالف ڌر جا ميمبر احتجاج ڪندي ڪرسين تان اٿي پيا ۽ نو نو جا نعرا هڻندي اسپيڪر روسٽرم  اڳيان اچي ويا ايوان ۾ سخت گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، مخالف ڌر پاران نو نو جا نعرا ، نعرن جي گونج ۾ سرڪار مڪاني کاتي بابت ترميم منظور ڪري ورتي، مخالف ڌر طرفان ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي   ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.آخر ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني  چيو ته مخالف ڌر وارا چون ٿا جيڪو اسان چئون ٿا  اهو درست آهي مان انهن کي چوان ٿو ته توهان رولز تحت هلو، انهن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙِي ڦٽيون ڪيون جن ۾ آيتون هيون، مخالف ڌر جو ڪاڪڙو وڏو آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي مان رولز کي فالو ڪندس . جنهن بعد سپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڄ صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن پورهئي کاتي جي  صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ کاتي ۾ اجرت بابت هن وقت تائين رولز نه ٺاهڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته  پڪن مزدورن کي 16 هزار 200 روپيا پگهار ملي ٿي جڏهن ته اڻ رجسٽرڊ مزدور بابت قانون سازي نه ڪرڻ سبب اهو مامرو رولڙي جو شڪار آهي جئين ئي رولز ٺهيا ته عملدرآمد به ڪرايو ويندو،محنت ۽ انساني وسيلا کاتي بابت مختلف ميمبرن طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته انڊسٽريز ۾ ڪم ڪندڙ مزدور کي ڊائريڪٽوريٽ ليبر  مزدورن جي رجسٽريشن نه ڪندو آهي ان لاءِ سنڌ مزدور سماجي تحفظ(سيسي) طرفان ايڪٽ 2014 تحت  مزدورن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي آهي، سيسي پاران 30 سيپٽمبر 2018 تائين 6 لک 53 هزار 970 مزدور رجسٽريشن ڪيا ويا آهن، انڊسٽريز کاتي ۾ 16 هزار 200 پڪا ملازمن آهي رجسٽرڊ آهن، هن چيو ته ڪانٽريڪٽ وارو سسٽم  ختم ڪري رهيا آهيو ان سلسلي ۾ قانون ۾ جلد ترميم ڪرائي ويندي ۽ ان تي عمل درآمد به ڪرايو ويندو، صوبائي وزير   چيو ته کاتي ۾ 24 ارب  جي سيڙپڪاري ڪئي وئي ، سيڙپڪاري ڪميٽي ۾ گورننگ باڊي جي ميمبرن ۽ ڪمشنر پاران ڪئي وئي انهيءَ جي منظوري منظوري کانپوءِ 24/09/2018 تي 793 سيڪڙو في سال جي حاسب سان 200 ملين روپين جي سيڙپڪاري سنڌ بنڪ ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن ته 400 ملين رپين جي سيڙپڪاري ايم سي بي  لميٽڊ ۾ ڪئي وئي پهرين جنوري 2018 کان 30/10 /2018  تائين سيڙپڪاري تي ايم سي بي بنڪ لميٽڊ کان وصول ٿيل منافعي جي رقم 45.77 ملين روپيا آهن ۽ سنڌ بنڪ کان وصول ٿيل رقم 84.36 ملين روپيا آهي مجموعي طور تي منافعي جي رقم 94.508 ملين روپيا آهي،جي ڊي اي جي ميمبر نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته سنڌ بنڪ جو جي آئي ٽي ۾ آهي ڇا اهي پيسا به مني لاڊرنگ جي ور چڙهي ويا آهن ڇا انهن جي انڪرائري ڪرائي ويندي ڇو ته ان ۾ اربن روپين جو سوال آهي جنهن تي اسپيڪر چيو ته ان جو ذڪر نه ڪيو جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اهو سوال تازو آهي  جڏهن ان بابت لکت ۾ پڇيو ويو ته جواب ڏيندس.  صوبائي وزير چيو ته قانوني ترقي سان کانسواءَ ڀرتيون ناهين ڪيون ويون ۽ هاڻي به رولز موجب ڀرتيون ڪنداسين، هن وقت تائين کاتي پاران ڀرتيون ناهين ڪيون ويون،صوبائي وزير چيو ته ليبر کاتي پاران  مزدورن کي سڀ سهولتون ۽ ڀلائي جون سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ ۽ گڊ گورننس، شفافيت ۽ جاچ پڙتال ڪرڻ حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آهي،هن چيو ته کاتي پاران تربيتي پروگرام جي سلسلي ۾ آءِ ايل آءَ پاران ڊائريڪٽوريٽ محنت جي 120 آفيسرن کي تربيت ڏني وئي ۽ اهڙا پروگرامن جي تعداد 25 هزار 918 آهي، هن چيو ته 2013 کان 2018 تائين ڪا به ڀرتي ناهي ٿي 2012 کان ڀرتي تي پابندي آهي ان ڪري ڀرتي ناهي ڪئي  ۽ ان عرصي دوران ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو. ان کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي  پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته گذريل اسيمبلي اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ٽٽي ويندو ۽ پٺيان هڪ ميمبر چيو ته انشاءِ الله ان ڪري ان ميمبر جي ان لفظ کي رڪارڊ مان ختم  ڪرايو وڃي جنهن تي اسپيڪر اهڙو لفظ ختم  ڪرائڻ جي رولنگ ڏني جڏهن ته صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پاڪستان ٽٽڻ بابت هن هائوس مان  ڪير به نٿو سوچي سگهي اهڙا لفظ ڪير به برداشت نه ڪندو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ صنعتي يونٽن ، سنڌ هائير ايجوڪيشن ، پاڻي ۽ ڪچري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيا ويا، جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻڏل صنعتي يونٽن جي بحالي لاءِ رکيل 4 ارب رپين ۾ ڪيل گهوٻين بابت وضاحت پيش ڪئي وڃي، هن چيو ته پئسا اومني گروپ کي ڏنا ويا،جي آءِ ٽي جي رپورٽ موجود آهي، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جواب ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪليئرنس ڏئي ڇڏي آهي، انڊسٽري کاتي ڪو به پئسو رليز نه ڪيو آهي، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي  ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هائير ايجوڪيشن  غيرفعال آهي، ڊيپوٽيشن تي ملازم آندا ويا، تربيت، اسڪالرشپ ۽ ڪانفرنسن لاءِ 9  ڪروڙ رپيا رکيا ويا اهي ڪٿي خرچ ٿيا . تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جواب ڏيندي چيو ته گهڻو ڳالهائڻ سنڌ جي خدمت نه آهي، سنڌ هائير ايجوڪيشن فعال آهي، ان ۾ 15 ميمبر ۽ هڪ چيئرمين آهي، 4 گڏجاڻيون به ٿي چڪيون آهن. پي ٽي آءِ جي جمال الدين صديقي جي پي ايس 106 جي علائقن ۾ پئيڻ جو پاڻي گندو فراهم ڪيو پيو وڃي، وسيم الدين قريشي چيو ته ڪراچي اتر ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، عديل احمد چيو ته ملير ندي وٽ فالڪن ڪامپليڪس ويجهو سنڌ سالڊ ويسٽ منئيجمنيٽ پاران گاربيج ڊمپنگ يارڊ ٺاهڻ سان علائقو متاثر ٿئي پيو، ٽنهي ڌيان ڇڪايو نوٽيسن تي جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪيون پيا، ڪنهن به آفيسر کي مخالف ڌر جي تڪن ۾ ڪم کان نه روڪيو آهي، هن چيو ته لياقت آباد جي هڪ گهر ۾ پاڻي جي لائين ۾ گٽر لائين ملائي وئي، اها پڪڙي، ڪجهه علائقا واٽر بورڊ جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن، هن چيو ته 5 ڊمپنگ پوائنٽون ٺاهيون آهن انهن تي ڪم ڪيون پيا.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں