اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي ميمبرن ناڻي وزير اسد عمر جي خطاب وقت سخت گوڙ شور ۽ احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون اربع تي قومي اسيبلي جي اجلاس دوران ناڻي وزير اسد عمر ضمني بجيٽ پيش ڪئي ان جي تقرير دوران اپوزيشنميمبرن سخت نعرا هنيا ۽ گوڙ ۽ شور ڪندا رهيا پ پ پ جي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر اسپيڪر کي پيغام ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري اسيمبلي جي روسٽرم تي پهتو جنهن تي اسد عمر چيو ته اسپيڪر صاحب فڪر نه ڪريو اوهان هن کي ڳالهائڻ ڏيو تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن ڪوڙو ڪوڙو جا نعرا هنيا ۽ ڪيترن ئي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاليون ڦاڙي ڇڏيون اپوزيشن به سخت گوڙ سبب وزيراعظم عمران خان ڪنن ۾ هيڊ فون لڳائي ورتو ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان تسبيح پڙهندو رهيو ۽ مرڪندو رهيو ناڻي وزير اسد عمر جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن پاران گو نيازي گو ۽ مختلف قسمن جا نعرا لڳايا ويا. ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي خطاب وقت اپوزيشن پاران سخت گوڙ ۽ نعرا هنيا ويا اربع تي مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف پاران ڪيل تقرير جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي خطاب ڪيو ان موقعي تي مخالف ڌر ميمبرن گوڙ شور ڪيو ۽ تقرير دوران وقفي وقفي سان نعرا هڻندا رهيا (ن) ليگ جو اسيمبلي ميمبر اڳوڻو وزير خواجه آصف به پنهنجي سيٽ تي ويٺي پرڏيهي وزير کي ٽوڪڻ شروع ٿي ويو جنهن تي اسپيڪر هدايت ڪئي ته اوهان ايئن نه ڪريو هن چيو ته هائوس ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ سمورن ميمبرن سان مشاورت ڪري چڪو آهيان ۽ سمورا ميمبر مهرباني ڪري ايوان جي ماحول کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪن جڏهن ته اپوزيشن ميمبر مسلسل گوڙ شور ڪندا رهيا ۽ حڪومت مخالف سخت نعريبازي ڪندا رهيا. ٻئي طرف مخالف ڌر حڪومت طرفان اڄ قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندڙ مني بجيٽ جي مخالفت ڪندي سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي چيمبر ۾ مخالف ڌر جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ مريم اورنگزيب، راڻا تنوير، راڻا ثناءَ الله، نويد قمر، خورشيد شاهه، شيري رحمان، راجا پرويز اشرف ۽ امير حيدرخان شرڪت ڪئي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آهي ته مني بجيٽ جي سخت مخالفت ڪئي ويندي ۽ قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻن چيو ته حڪومت طرفان ظالماڻا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ قبول ناهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر ان موقعي تي چيو ته حڪومت پهريان مني بجيٽ ۾ 70 ارب رپين جا ٽيڪس هنيا ۽ هاڻ وڌيڪ 170 ارب رپين جا ٽيڪس لڳايا پيا وڃن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟