چڪرا ڳوٺ سانحو ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شاهديون پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، آءِ جي طلب

8Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ چيو آهي ته پوليس پنهنجن اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ به شاهد پيش نه پئي ڪري ته ڪنهن ٻئي کي ڪيئن انصاف ڏياريندي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چڪرا ڳوٺ سانحي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، 7 پوليس اهلڪارن جي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم ڪارڪن گل محمد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ڪيس ۾ شاهديون پيش نه ڪرڻ تي پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ چيو ته پوليس اختياريون پنهنجن اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ به شاهديون پيش نه پيون ڪري سگهن ته ڪيئن ٻئي ڪنهن کي انصاف ڏيارينديون.جوابدار جي وڪيل چيو ته چڪرا ڳوٺ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ جوابدار گل محدم کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس چيو ته چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿيا پر جاچ پوليس هڪ به ثبوت پيش ڪري نه سگهي، آءِ جي صاحب جاچ آفيسر جيڪڏهن درست جاچ ڪن ها ته اوهان کي پيش ٿيڻو نه پوي ها.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں