بگ بيش ليگ: ميلبورن اسٽارز جي ايڊليڊ اسٽرائيڪرز ۽ سڊني سڪسرز جي هوبارٽ هريڪينس کي شڪست

1Shares

وڪٽوريا(اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي پهرين کيڏيل ميچ ۾ ميلبورن اسٽارز جي ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کي 44 رنسن تان شڪست. وڪٽوريا ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسٽارز ٽاس هارائي پهرين بيٽنگ ڪندي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنسون ٺاهيون. بين ڊنڪ 53 بالن ۾ 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 72 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ ناقابل شڪست رهيو. ڪپتان اسٽونس 53 ۽ هينڊسڪومب 36 رنسون ٺاهيون. راشد خان هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ ايڊليڊ مقرر اوورن کان 2 بال پهرين فقط 123 رنسن تي ڍير ٿي وئي. چيڪ لهمين 40 ۽ ايليڪس ڪيري 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. ليام پلنڪيٽ، مارڪس اسٽونس ۽ ڊوائين براوو 3-3 رانديگرن کي پويلين موڪليو. بين ڊنڪ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ سڊني سڪسرز جي هوبارٽ هريڪينس کي 9 وڪيٽن تان شڪست. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ هوبارٽ هريڪينس ٽاس هارائي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ميٿيو ويڊ 64 ۽ آرڪي شارٿ 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. جارج بيلي 9 بالن ۾ 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ماننتي، ڊوارشوس، سين ايبٽ ۽ ٽام ڪرن هڪ-هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ سڪسرز گهربل هدف فقط هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18هين اوور جي پهرين بال تي حاصل ڪري ورتو. جوش فلپ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 49 بالن ۾ 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 86 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ناقابل شڪست رهيو. کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جيمس ونس به 50 بالن ۾ 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 74 رنسون ٺاهيون. هڪ ئي وڪيٽ جيمس فوڪنلر جي حصي ۾ آئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں