ڪترينا فلم ڀارت جي سيٽ تي ڪرڪيٽ جون ميدان سجائي ورتو

1Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ باربي ڊول اداڪارا ڪترينا ڪيف اڄڪلهه دبنگ اداڪار سلمان خان سان گڏ نئين فلم ” ڀارت “ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جتي هوءَ فلم جي سيٽ تي شوٽنگ کانپوءِ ڪرڪيٽ جا جوهر پڻ ڏيکاري رهي آهي. باربي ڊول سوشل ميڊيا جي فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ کيس ڪرڪيٽ کيڏندي ۽ شاندار اسٽروڪ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو.  ان ويڊيو جي پسمنطر ۾ رنوير سنگهه جي نئين ايندڙ فلم گلي بواءِ جو گيت اپنا ٽائيم آئيگا پڻ ٻڌي سگهجي ٿو. بالي ووڊ سندري ويڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته شوٽنگ جي پڄاڻي کانپوءِ سيٽ تي ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن عالمي ڪپ ويجهو هجي.  جنهن بعد انوشڪا شرما کي مخاطب ڪندي چيو ته هن چيو ته ” تون ٽيم جي ڪپتان ( ورات ڪوهلي ) سان ڪجهه ڳالهائي سگهين ٿي. آخر ۾ ڪترينا ڪيف پاڻ ئي پنهنجي ساراهه ڪندي لکيو ته وڌيڪ بهتري جي  ضرورت آهي پر سراسري طور تي ڏٺو وڃي ته ايڏي خراب آل رائونڊر به ناهيان.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں