علي ظفر ۽ ميشا شفيع معاملي جو فيصلو محفوظ

2Shares

لاهور (شوبز نيوز) لاهور جي مقامي عدالت اداڪار ۽ ڳائڻي علي ظفر طرفان ميشا شفيع خلاف ميڊيا تي بيان بازي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. علي ظفر جي درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج شڪيل احمد ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ميشا شفيع جي وڪيلن ميڊيا تي بيان بازي بابت علي ظفر جي درخواست تي بحث مڪمل ڪيو. علي ظفر طرفان راڻا انتظار حسين ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جو بحث مڪمل ٿيڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت سڀاڻي خميس ڏينهن علي ظفر جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں