ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي خبردار ڪندي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته اسان وفاق کان پنهنجو حق وٺي رهنداسين، اسان سنڌ جي عوام کي حساب ڏئي هر ڀيري سوڀارا ٿيندا آهيون، حسابوٺڻ واري ڳالهه نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ماڻهن کي لٽڪائڻ واريون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پڪڙ ڌڪڙ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ وزارت عظميٰ به باقي نه رهندي. هن چيو ته سندس چين وڃڻ ڪري نالو اِي سي ايل ۾شامل ڪيو ويو، سنڌ حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي رٿا جي حوالي سان تمام سنجيده آهي پر وفاق پاران عدم دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي واري منصوبي بابت پنهنجي پاليسي بيان ڏيندي ڪيو. وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن گوڙ به شروع ڪيو ۽ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته اسان ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي سولي تي چڙهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اپوزيشن جي گوڙ وقت اسپيڪر آغا سراج دراني ايوان ۾ نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن هن ايوان ۾ جڏهن ڪي سي آر رٿا جي حوالي سان ڳالهايو ويو ته مان موجود نه هئس انڪري اڄ ضروري سمجهان پيو ته ان بابت سنڌ اسيمبليءَ جي پوزيشن ۽ حقيقتن کي ريڪارڊ تي آندو وڃي. هن چيو ته ڪالهه ايوان ۾ ڪي سي آر بابت ڪجهه خط ڏيکاريا ويا مان سموري ڳالهه ٻڌايان ٿو ته ماضيءَ ۾ نٿو وڃا سڀني کي خبر آهي ته 29 ڊسمبر 2016ع تي چين ۾ ميٽنگ ٿيڻي هئي مون چيو هو ته جيڪو پئڪيج لاهور ۾ اورينج ٽرين کي ڏنو ويو آهي اهو ئي ڪي سي آر کي ڏنو وڃي پر ان تي اڳڀرائي نه ڪئي وئي، مون چار شيون گهريون هيون، 3 ڊسمبر تي لکيل منهنجي خط جو 7 ڊسمبر تي جواب آيو هو، نواز شريف جو ٿورائتو آهيان منهنجي 4 مان 3 ڳالهين جو جواب ڏنو ويو هو. چين جي ڪمپنين کي بينڪ گارنٽي ڏيڻ لاءِ اڳوڻي وفاقي حڪومت کي خط لکيو، 3 آڪٽوبر تي وزيراعظم عمران خان کي به خط لکيو، هاڻي ته خطن جو جواب به نٿو ڏنو وڃي، پهرين گهٽ ۾ گهٽ خط جو جواب ته ايندو هو، ان مان اندازو لڳايو وڃي ته سندن دلچسپي ڪيتري آهي. وڏي وزير چيو ته چين وڃڻ جي ڪري نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو ته تون چين ڇو وئين، مراد علي شاهه پاليسي بيان ڏيندي جذباتي ٿي ويو چيو ته ماڻهن کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ بند ڪريو پنهنجن ووٽرن لاءِ ڪم ڪريو جن اوهانکي ووٽ ڏنو ملڪ جي معاشي حالت تمام خراب آهي، مان ان وفاقي حڪومت ڪري ملڪ کي ٻڏندي ڏسي رهيو آهيان. وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن احتجاج ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، اسپيڪر اپوزيشن کي خاموش رهڻ جي بار بار ڪوشش ڪندو رهيو ته جيئن ايوان جو ماحول خراب نه ٿئي وڏي وزير چيو ته ڦاهيءَ تي هڪ کي ته چاڙهيو ويو ته پر هُو اڃا تائين زنده آهي. اسانکي به ڦاهي ڏيو، ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ۽ مارڻ مرڻ جون ڳالهيون ڇڏيو. مراد علي شاهه چيو ته اسان وفاق کان پنهنجو حق زبردستي وٺي رهنداسين، ڪوبه اسان کان حساب وٺڻ جي ڳالهه نه ڪري اسان سدائين حساب ڏنو آهي، سنڌ جي ماڻهن اسان کان حساب وٺي چوندا رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي جيلن ۾ وجهڻ، ڦاهي چاڙهڻ بند ڪريو، مان چوان ٿو ته ايئن نه ڪريو جيڪڏهن پڪڙ ڌڪڙ ڪئي وئي ته وزارت عظميٰ به نه بچندي. ان موقعي تي فردوس شميم نقوي وضاحت ڪئي ته اسان ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي سولي تي چاڙهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا وفاق جي سهڪار بنا بڻائڻ ممڪن نه آهي، اسان لون وٺي ان رٿا لاءِ رقم ڏئي سگهون ٿا. اسان وٽ پيسا نه آهن پر پوءِ به ان رٿا لاءِ تيار آهيون. هفتو اڳ به وزيراعظم کي ڪي سي آر بابت خط لکيو آهي، مان لکندو رهندو آهيان متان ڪڏهن ڪو اثر ٿي پوي. هن چيو ته 15 سيڪڙو اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، چين ان رٿا لاءِ تمام سنجيده آهي، سنڌ حڪومت سان ريلوي کاتو سهڪار نه پيو ڪري جنهن تي اسان کي تمام گهڻا خدشا آهن. هوڏانهن سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبائي حڪومت کي ڪراچي ۾ پاڻي جي قلت جو احساس آهي ۽ هو اهڙي مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ 2 سال لڳندا ۽ 18.6 بلين خرچ ايندو. هن اهڙو اظهار ايوان ۾ سوالن جي وقفي دوران اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي هڪ سوال جي جواب ۾ ڪيو. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته ايوان کي ان بابت ٻڌايو وڃي ته ڪراچي جي نلڪن ۾ پاڻي ڪڏهن ايندو جيڪڏهن ان حوالي سان ڪو منصوبو آهي ته ان تي ڪيتري لاڳت ايندي. سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪي فور منصوبي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ففٽي ففٽي فنڊ ڏيندا اڪيلي سر هي منصوبو صوبائي حڪومت مڪمل نٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته وزير صاحب گهڻائي جواب ڏنا پر ڪم جو هڪ به نه هو، هي سنڌ حڪومت جو نه پر عوام جو پئسو آهي مون کي حساب کپي، هن جذباتي انداز ۾ چيو ته عوام جي 50 ارب رپين جي سُئي هڻي رهيا آهن جنهن جي ذميوار صوبائي حڪومت آهي. سعيد غني خرم شير زمان جي تنقيد کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ هو خاموشي سان ٻڌندو رهيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنو. ٻئي سنڌ اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي پي ٽي آءِ جي عورت سدره عمران جي هڪ نجي قرارداد جيڪا سول اسپتال ٽنڊو الهيار جي خراب صورتحال بابت هئي رد ڪئي وئي، جڏهن ته ايوان اسٽيل مل جي ريٽائرڊ ملازمن کي سال 2013ع جي پگهارن جي عدم ادائيگي تي خواجه اظهار الحسن جي قرارداد کي منظور ڪري ورتو جنهن ۾ ملازمن کي پگهارن جي فوري ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو. سول اسپتال ٽنڊو الهيار بابت سدره عمران پنهنجي نجي قرارداد پيش ڪندي چيو ته سول اسپتال ٽنڊو الهيار ۾ ڊسپينسر ۽ اي سي جي تائين موجود ناهي وزير چون ٿا ته اسپتالن جي حالت سٺي آهي جيڪو شرمناڪ عمل آهي، ايوان ۾ ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، اسپتال ۾ ايڪسري مشين ڪونهي، آپريشن ٿيٽر کي تالا لڳل آهن. هن مطالبو ڪيو ته اسپتال کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ قرارداد جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اسپتال کي جديد سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، اهو چوڻ غلط آهي ته اتي ڪا سهولت ناهي. ان موقعي تي سدره عمران اسپتالن جي ناقص طبي سهولتن بابت ثبوت طور ايوان ۾ ڪجهه تصويرون ڏيکاريون، هن ميمبرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ضلعي اسپتالن مان علاج ڪرائين ٻي صورت ۾ صوبي ۾ صحت جون سهولتون ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿي سگهنديون جنهن تي پ پ جي امداد پتافي طنزيه انداز ۾ چيو ته مديني جي رياست جي ڳالهه ڪندڙ ٽنڊو الهيار ڪئميرا کڻي پهچي ويا، ٻن منٽن لاءِ هو ساهيوال به هليا وڃن ها، هن چيو ته انصاف فراهم ڪرڻ جون دعوئون ڪندڙ چوندا هئا ته ڪو قتل ٿئي ته ان جو ڪيس حڪمرانن تي داخل ٿيڻ گهرجي هاڻي انهن جو موقف ڇو تبديل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ساهيوال سانحي جو ڪيس عمران خان تي داخل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي به ٽنڊو الهيار اسپتال بابت ڳالهائيندي چيو ته ميٽرنٽي وارڊ ۾ اهڙي بدبوءِ آهي جو ڪوئي بيهي نه سگهي. هن چيو ته 60 بيڊ جي اسپتال ۾ صفائي لاءِ صرف 4 سوئيپر هن چيو ته ٽنڊو الهيار اسپتال ۾ هڪ ڪروڙ جي هر ٽئين مهيني دوائن جي خريداري ڪئي ويندي آهي، اسپتال جي 8 مان 6 اسپيشلسٽ ڊاڪٽر غائب آهن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته امداد پتافي اسپتال کي ساهيوال سانحي سان ڀيٽي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت کي سلام آهي ته اهڙا اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ موڪلي ٿي. اپوزيشن جي ٻين ميمبرن به سدره عمران جي قرارداد جي حمايت ڪئي پر اسپيڪر جڏهن ڳڻپ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي ته ان کي اڪثريت رد ڪري ڇڏيو. ايوان اسٽيل مل جي ريٽائرڊ ملازمن کي سال 2013ع جي پگهارن جي عدم ادائيگي تي خواجه اظهار الحسن جي قرارداد کي متفقه طور منظور ڪندي ملازمن کي فوري طور پگهارن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟