ڪراچيءَ کي 40 سال پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، رهائشي عمارتن کي ڪمرشل ۾ تبديل ڪرڻ تي پابندي

10Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سپريم ڪورٽ حڪم ڏيندي چيو آهي ته غيرقانوني شادي هال هجي يا شاپنگ مال ۽ پلازه، ڪراچي ۾ هر قسم جون غيرقانوني حددخليون بنا دير ختم ڪيون وڃن ۽ عملدار بندوق کڻن ڪجهه به ڪن عدالتي فيصلي تي هر حال ۾ عمل ڪن ڪراچي کي 40 سال اڳ واري پوزيشن ۾ بحال ڪن اڱاري تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل بئنچ ڪراچي ۾ غيرقانوني شادي هال، شاپنگ مال ۽ پلازن جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي ۾ عدالت رهائشي گهرن جي ڪمرشل مقصدن ۾ تبديلي تي مڪمل پابندي جڏهن ته رهائشي علائقن تي شادي هال شاپنگ سينٽر ۽ پلازن جي اڏاوت تي به پابندي هڻي ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته ڪوبه گهر ڪيرائي ڪنهن قسم جو ڪمرشل استعمال نه ڪيو وڃي سپريم ڪورٽ عملدارن کي حڪم ڏنو ته عمل نه ٿيو ته ڊي جي ايس بي سي اي افتخار قائخاني کي گهر موڪلي ڇڏينداسين جڏهن ته 30، 40 سالن ۾ ٺهيل شادي هال شاپنگ سينٽر ۽ پلازن جو تفصيل گهرندي سنڌ حڪومت کي ڪراچي کي 40 سال پراڻي حالت ۾ بحال ڪرڻ تي تجويزون به ڏنيون عدالت چيف سيڪريٽري جي مسئلي کي چيف سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي نٿو هلي ته سنڌ حڪومت شهر کي ٽيڪ اوور ڪري ايڊيشنل ايدووڪيٽ جنرل ختم ڪري لوڪل حڪومت به، هي پاڻ کي سٽي فادر چون ٿا کيس سٽي جي الف ب بابت به ڄاڻ آهي؟ اهڙن ماڻهن کان شهر نٿو هلي ته پوءِ وڏيرو اچي هلائيندو جسٽس گلزار احمد ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي افتخار قائمخاني تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪم نٿا ڪري سگهو ته عهدي تي ڇو چنبڙي ويٺا آيو اوهان جو پٽيلوالو ارب پتي نه آهي ته ڪروڙ پتي ضرور آهي اوهان به ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪينيڊا هليا ويندا جسٽس گلزار احمد افتخار قائمخاني کي چيو ته هن شهر کي لاوارث جهنگ ۽ گٽر بڻائي ڇڏيو هن شهر جو حال ڏسي ڪنهن کي شرم اچي ٿو؟ ايس بي سي اي وارن کي رڳو اربين رپيا ڪمائڻا هوندا آهن اوهان ۽ اوهان جا آفيسر باهه سان کيڏي رهيا آهيو جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته شاهراه فيصل جي ڀرپاسي بدترين ۽ غليظ عمارتون ٺاهيون پيون وڃن ڪجهه ته شرم ڪريو بس پئسو گهرجي ڪوئي خيال نه آهي هن شهر جو ڪڏهن ڏٺو اوهان جا آفيسر ڪيتري عياشي ۾ رهن ٿا عدالت چئن هفتن ۾ ڄام صادق علي پارڪ تان هر قسم جي حددخلي ختم ڪرڻ ۽ عبدالله جيم خانه ۽ ڪي ايم سي تان بنا دير حددخليون ختم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته شهر ۾ هر قسم جون غيرقانوني حددخليون بنا دير ڪيرايون وڃن ٻڌايو وڃي شهر ۾ وڏيون وڏيون عمارتون ڪيئن ڪيرايون وڃن. جڏهن ته ايس بي سي اي تي ڪمرشل عمارتن جي اين او سي جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي اين او سي انوائرميٽل پروٽيڪشن ايجنسي سان مشروط ڪري ڇڏيو ۽ ايس بي سي اي جي مالي معاملن تي اڪائونٽنٽ جنرل کان به رپورٽ گهري ورتو جسٽس گلزار احمد چيو ته جيڪا عمارت اصل ماسٽر پلان سان ٽڪراءُ آهي وڃو ۽ ڪيرايو، شهر کي 40 سال اڳ واري پوزيشن ۾ بحال ڪريو. ڪيتريون به عمارتون هجن سڀ ڪيرائي ڇڏيو پارڪ راندين جا ميدان، اسپتالن جي سموري زمين خالي ڪرائي وڃي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته حد ٿي ويئي سرڪاري ڪوارٽرز تي 8-8 ماڙ عمارتون ٺاهيون پيون وڃڻ ڇا اوهان ماڻهو چوڙيون پائي ورتيون آهن سڀني جي ملي ڀڳت سان مال ميڙيو شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو ڇا هي ان جي پيءُ جو شهر آهي جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته گهٽي گهٽي ۾ شادي هال شاپنگ سينٽر پلازن جي اجازت ڪير ڏيئي رهيو آهي ڇا هن شهر کي وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيون ته افتخار قائخاني ٻڌايو ته ڪم ٿي رهيو آهي فيصلي تي عمل ڪنداسين جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته گهٽ کان گهٽ ڳالهايو اوهان کي فارغ ڪري ڇڏيون ٿا عدالت چيو ته اکيون ٻوٽي بيلنس وڌائي رهيا آيو دبئي آمريڪا ۾ مال گڏ ٿي رهيو آهي جنهن تي افتخار قائمخاني چيو ته معافي چاهيان ٿو ايندڙ فيصلي تي عمل ٿيندو جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته معافي ڪيئن ڇا ناهي خبر ته اوهان به شادي هالن جي اجازت ڏيئي رهيا آيو قيوم آباد، فيڊرل بي ايريا، ناظم آباد، هر پاسي شادي هال ٺهرائي ڇڏيا. پهريان ماڻهو گهرن جي ٻاهران شادي ڪندا هئا هاڻي نئون ڪلچر بڻائي ڇڏيو شادي هال مسواڙ تي ماڻهن کي ڪروڙين رپيا ڏيڻا پون ٿا.

10Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں