لاهور(بيورو) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار ساهيوال سانحي تي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي راءِ طاهر کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته جي آءِ ٽي مقتول خليل ۽ سندس فيملي کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو.پنجاب وڏي وزير سردار عثمان بزدار جي صدارت هيٺ ساهيوال سانحي بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي آءِ ٽي ۽ سي ٽي ڊي جي سربراهه سميت آءِ جي پنجاب، قانون وارو وزير راجا بشارت، بلديات وارو وزير عليم خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ساهيوال سانحي جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه اعجاز شاهه واقعي بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير دوحا ۾ موجود وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ر ابطو ڪيو آهي ۽ فيصلن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم وڏي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪندي اعليٰ پوليس آفيسرن خلاف ايڪشن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا بشارت چيو ته رپورٽ موجب خليل جي قتل ۾ سي ٽي ڊي جا آفيسر ملوث آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ ايڊيشنل آپريشن پنجاب سي ٽي ڊي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي کي هٽايو ويو جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ڊي ايس پي ساهيوال کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث سي ٽي ڊي جي 5 آفيسرن جي ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. قانون واري وزير ٻڌايو ته سانحي ۾ مارجي ويل ذيشان جاويد جون حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ جي آءِ ٽي وڌيڪ مهلت گهري آهي، راجا بشارت جو چوڻ آهي هو ته اسان جيڪو موقف پيش ڪيو هو ان تي سختي سان عملدرآمد ڪري رهيا آهيون، پنجاب حڪومت مظلوم کي انصاف فراهم ڪري ساهيوال سانحي جي ڪيس کي ٽيسٽ ڪيس بڻائي انصاف جو معيار قائم ڪندي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت ساهيوال سانحي رپورٽ اچڻ بعد سي ٽي ڊي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي راءِ طاهر کي برطرف ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي معطل ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟