اسلام آباد (بيورو) بحريا ٽائون پنهنجي ڪراچي جي هائوسنگ منصوبي کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ 16 هزار ايڪڙ زمين عيوض 358 ارب رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي پر عدالت آڇ کي غير مناسب قرار ڏيندي بحريا ٽائون کي آڇ تي ٻيهر غور ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران نيب، ڊائريڪٽر سروي جنرل، بحريا ٽائون جو وڪيل علي ظفر ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون. جسٽس عظمت سعيد بحريا ٽائون جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي چيو هو ڏنڊ جي آڇ ڪيو، توهان نه ڪئي ته ڪيس ٻڌي ٿا وٺون، جنهن تي علي ظفر چيو ته اسان آڇ ٺاهي ڇڏي آهي، بحريا ٽائون ٽنهي منصوبن جي حوالي سان آڇ ٺاهي آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪراچي واري بحريا ٽائون کان شروع ڪيو، جنهن تي علي ظفر چيو ته بحريا ٽائون ڪراچي وٽ 16 هزار 8 سئو ايڪڙ زمين آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڇا بحريا ٽائون ڪراچي جي حدبندي ٿي وئي؟ ان تي ڊپٽي سروي جنرل ٻڌايو ته 16 هزار 896 ايڪڙ زمين بحريا ٽائون وٽ آهي، اسان حدبندي جا نشان لڳائي ڇڏيون ٿا، 7 هزار 40 ايڪڙ نشان ده علائقي کان وڌيڪ آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ان ڪيس ۾ جيڪڏهن ادارن جي عدم سهڪار جي دانهن ملي ته سٺو نه ٿيندو. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد روينيو اختيارين کي چيو ته زمين توهان جي هئي، توهان خيال ڪرڻو هو، روينيو ڊپارٽمينٽ ئي ته ڦرلٽ ڪرائي آهي، توهان ذميوار آهيو، بحريا ٽائون کان سرڪاري زمين واپس ورتي وڃي. هن ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته اسان اڄوڪي فيصلي ۾ لکنداسين ته عدالت کي ڪجهه ٻڌايو ويو ۽ عدالت کانم حقيقتون لڪايون ويون. ٻڌڻي دوران عدالت نيب ۽ سروي جنرل جي نقشن ۾ فرق تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته انهن ماڻهن جي لانائقي جي سزا بحريا کي ملي رهي آهي، سروي جنرل خبر ناهي ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪيو، هاڻ بحريا ٽائون جي آڇ تي غور نٿا ڪري سگهون، بحريا ٽائون پاڻ عدالتي ڪارروائي کي خراب ڪيو. هن ريمارڪس ڏنا ته ڪمشنر کي چيو ته سرڪاري زمين جو قبضو وٺو، هي چوي ٿو اسان نٿا وٺي سگهون پڇڻو پوندو، ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر کي ڪجهه ناهي خبر، بس گهڻو ٿي ويو، بحريا ٽائون پاڻ ان معاملي کي بند ڪري ڇڏيو آهي، نيب کي چونداسين جاچ ڪري. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته سروي جنرل آف پاڪستان کي عدالتي توهين جا نوٽيس جاري ڪنداسين، ڊپٽي سروي جنرل کي عدالت جي توهين جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيون ٿا، جڏهن ته اٽارني جنرل پاڻ ان ڪيس ۾ پيش ٿيندو. ٻڌڻي دوران جسٽس فيصل عرب ملير جي ڪليڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ته چيو هو ته نقشي ۾ ظاهر زمين توهان جي قبضي هيٺ ناهي، توهان ان سرڪاري زمين کي واپس وٺو، جنهن تي ڪليڪٽر جواب ڏنو ته مان سرڪاري زمين واپس وٺي ڇڏيندس، ان تي جسٽس عظمت سعيب ريمارڪس ڏنا ته توهان ماڻهو سرڪاري زمين جي حفاظت نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن توهان حفاظت نه ڪندئو ته نيب کي منهن ڏيندئو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته سرڪاري زمين جو قبضو وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ حوالي ڪيو، ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر زمين جي حفاظت جا ذميوار هوندا، ان سلسلي ۾ عمل درآمد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر سروي جنرل ٻڌايو ته اسان سرڪاري زمين قبضي ۾ وٺڻ جي حڪمت عملي ٺاهي هئي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته موقعي تي ڪير ويو هو، اسان کي حڪمت عملي نه ٻڌائي وڃي، حڪمت عملي ٺاهڻي آهي ته ڊفينس اسڪول آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي وڃو. ان تي ڊائريڪٽر سروي جنرل ٻڌايو ته بحريا ٽائون جي سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪرڻ جي دعويٰ غلط آهي، بحريا ٽائون وارا سرڪاري زمين کپائي رهيا آهن، گڏوگڏ هن سرڪاري زمين جي وڪري جي حوالي سان مارڪيٽنگ ڪمپني پرزم جو اشتهاري ڪتابچو عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن تي عدالت پرزم جي مالڪ کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪيو. ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون جي وڪيل چيو ته 16 هزار ايڪڙ زمين لاءِ 315 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو توهان بنا شرمندگي زمين تي قبضو ڪيو آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته منهنجو موڪل ته گلوٽين ۾ ڦاٿل آهي، ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بحريا ٽائون وڌ کان وڌ 350 ارب رپيا ڏئي سگهي ٿو، ان تي جسٽس عظمت سعيد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هتي ٽماٽا نٿا کپائجن، جنهن تي علي ظفر چيو ته 7 هزار 68 ايڪڙ زمين لاءِ 150 ارب رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته 9 هزار ايڪڙ لاءِ 208 ارب رپيا ڏئي سگهون ٿا. وڪيل جي جواب تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته ٽرانسفر آف پراپرٽي ايڪٽ تحت غير قانوني زمين نٿي کپائي سگهجي، ان تي وڪيل علي ظفر چيو ته بحريا ٽائون 600 ارب رپين جو واعدو نٿو ڪري سگهي، اهو واعدو ڪنداسين جنهن تي عمل ڪري سگهون، 16 هزار ايڪڙ لاءِ 358 ارب رپيا ڏئي سگهون ٿا ۽ 8 سالن ۾ ادائيگي ڪنداسين. جسٽس عظمت سعيد چيو ته اها آڇ مناسب ناهي، بحريا ٽائون کي ٻيهر غور ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهيا آهيون، ايندڙ ٻڌڻي تي سڀني ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟