وفاقي سرڪار پاران اڄ مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو فيصلو، مهانگائي وڌڻ جا امڪان

9Shares

اسلام آباد (بيورو) مالي سال 2019 جي ستين مهيني ۾ حڪومت طرفان ٽيون ڀيرو مني بجيٽ اڄ اربع 23 جنوري تي پيش ڪئي ويندي. بجيٽ جو مقصد آمدني جو خسارو گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جو طريقو آسان بڻائڻ آهي، هڪ نجي اداري طرفان بجيٽ قدمن ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن تي ٻڌل هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر واضح ڪيو آهي ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ سولائيون پيدا ڪرڻ آهي. مالي سال جي پهرئين 6 ماهي ۾ حڪومتي آمدني 170 ارب رپين کان گهٽ هئي. بجيٽ قدمن جي ذريعي حڪومت 150 ارب رپين جي گهٽتائي ڪري سگهندي، حڪومت جو عزم ۽ توجهه برآمدي شعبي جي صنعتن کي بحال ڪرڻ تي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر فرزانه جي صلاحڪار ۽ ترجمان خاقان نجيب خان چيو ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو مقصد گهٽ لاڳت هائوسنگ ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ کان علاوه زرعي شعبي کي سهولت ڏيڻ آهي.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں