اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ مخالف ڌر ساهيوال واقعي جي حوالي سان قائم جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو آهي ته واقعي جي حوالي سان شڪي حالتن تان پردو کڄڻ گهرجي، جي آءِ ٽي ۽ 2-2 ايف آءِ آرز جي ذريعي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، سڌارن وارو عمل سٺي ڳالهه آهي ان کان اڳ معاملي کي ڏسڻ ضروري آهي، سومر تي سينيٽ اجلاس ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ ساهيوال سانحي تي ميمبرن کي خيالن جي اجازت ڏني، اجلاس ۾ سينيٽر جاويد عباسي چيو ته هو ساهيوال ۾ ٿيل سانحي تي التوا واري رٿ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، اها بنا دير بحث هيٺ آندي وڃي، قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ان واقعي تي جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڳالهايو وڃي، پارلياماني ليڊرز جي اجلاس ۾ ان حوالي سان فيصلو ٿي چڪو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ظفر الحق چيو ته سڄو ايوان هن وقعي تي خيالن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو، اڄ ئي ان معاملي تي ڳالهايو وڃي، ڇو ته هي معاملو ترت بحث ڪرڻ جوڳو آهي، سينيٽر شبلي فراز اسرار ڪيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ٿيل اجلاس ۾ ٿيل فيصلي جي رکوالي ڪئي وڃي، جيڪڏهن هائوس بزنس ايڊوائزري ۾ ٿيندڙ فيصلن کي ناهي مڃڻو ته پوءِ ان جو اجلاس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته سڄي ايوان هڪ راءِ ڏئي رهيو آهي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي، سينيٽر شيري رحمان چيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ۾ اهو طئه ٿيو هو ته اڄ ئي ان معاملي تي بحٿ ٿيندو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مهملي رٿ بدران عوام جي اهميت جي معاملي تي هن تي سمورا ميمبر خيالن جو اظهار ڪري سگهن، عوامي معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي شيري رحمان چيو ته سڄي قوم ڏسي رهي آهي ته حقيقتون ڇا آهن، ڇو ته ڪيمرا جي اک سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ساهيوال ۾ وڏو ظلم ڪيو ويو، پوليس پاران چيو ويو ته ڪار جا شيشا ڪارا هئا جيتوڻڪ وڊيوز مان صاف ظاهر آهي ته شيشا ڪارا نه هئا، ان واقعي تي ايڪشن نه ورتو ويو ته سڄي قوم پڇاڻو ڪندي ته اسان هتي ڇو ويٺا آهيون، هن چيو ته ڏينهن ڏٺي ٿيل قتل تي جي آءِ ٽي ناهي ٺهندي، پنجاب حڪومت چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد آهن پر انهن سان سڄو خاندان ساڻ هو، جيڪڏهن واقعو پلان موجب هو ته انڌا ڌنڌ فائرنگ جي ڪهڙي ضرورت هئي، کين جيئري ئي گرفتار ڪري سگهجي پيو، هن چيو ته وزيراعظم ان بابت هڪ ٽوئيٽ به ڪئي آهي ۽ اسان جي ٽوئيٽ سان اتفاق ڪريون ٿا پر هو پنهنجو موقف بار بار تبديل نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته سڌارن جي ڳالهه سٺي آهي پر ان کان اڳ هن معاملي کي ڏسڻ بهتر ڳالهه آهي. راجا ظفر الحق چيو ته ساهيوال ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو ٿيو، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث سٺي ڳالهه آهي ڇو ته هي هڪ انسان نه پر ڪيترين ئي انساني حياتين جو مسئلو آهي، هن چيو ته پوليس جو موقف غلط آهي، فائرنگ ڪندڙ پوليس جي وردي ۾ نه هئا ۽ مقتولن سمجهيو ته شايد اهي ڦورو آهن، ان لاءِ انهن چيو ته پيسا وٺو پر اسان کي گوليون نه هڻو، واقعي جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هر معاملي ۾جي آءِ ٽي جو رواج ٿي ويو آهي، اسان ان معاملي تي جي آءِ ٽي کي رد ڪريون ٿا، ڇو ته جي آءِ ٽي سان اڳ ئي پنجاب حڪومت ۽ انتظاميا جو موقف پريس ڪانفرنس ذريعي اچي رهيو آهي، هن چيو ته هن واقعي جا جيڪي به ذميوار آهن انهن کي سزا ڏني وڃي، واقعي تي 2 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن، جيتوڻڪ سپريم ڪورٽ جي رولنگ آهي ته هڪ واقعي تي 2 ايف آءِ آر داخل نٿيون ٿي سگهن، مقتولن جي وارثن جي ايف آءِ آر ۾ اڻڄاتل ماڻهن کي ملوث ڪيو آهي، اسان سمجهون ته ها ان واقعي ۾ جيڪي ملوث آهن انهن کي بچڻ نه گهرجي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ساهيوال واقعي تي وزيراعظم سڄي رات نه ستو آهي، عوام ۾ هن واقعي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جائز آهي، وزيراعظم هن واقعي کان باخبر آهي ۽ هن يقين ڏياريو آهي ته ذميوارين کي مثالي سزا ڏني ويندي، هن چيو ته اهو به ڏسڻ گهرجي ته پنجاب کي گذريل 30 سالن ۾ هن حال تي ڪنهن پهچايو آهي، پوليس ۽ ادارن جي ڍانچي ۾ بهتري لاءِ ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪي پي ڪي ۾ هن پنهنجي 20 اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير اعلان ڪيو آهي ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ اڱاري تي شام 5 وڳي تائين اچي ويندي، سينيٽر سراج الحق چيو ته ساهيوال واقعو سياسي نه پر انساني مسئلو آهي، ساهيوال ۾ بي رحمي سان مارجي ويل رات جي اونداهي ۾ ماريا وڃن ها ته سچ ڪڏهن به ظاهر نه ٿئي ها، هن چيو ته جيڪو ڪجهه ساهيوال ۾ ٿيو ائين ته جهنگ ۾ ناهي ٿيندو، رياست جو مثال ماءُ وانگر هوندو آهي پر هي ڪهڙي رياست آهي جتي هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، پنجاب حڪومت پنهنجو موقف لاڳيتو تبديل ڪري رهي آهي، ذميوارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ ساهيوال سانحي تي بحث دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف خطابڪندي چيو ته ساهيوال ۾ پوليس گاڏي روڪي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ٻن معصوم ڀينرن ۽ زخمي ڀاءُ کي گاڏي مان ڪڍيو ويو پوءِ چيو ويو ته ڊرائيور دهشتگرد هو پنجاب حڪومت بار بار واقعي کي نئون رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي گاڏي کي ٽڪر هڻي روڪيو ويو پوليس ظالمن جا پهاڙ ڪيرايا سڄي دنيا ڏٺو ته ڪار مان ڪابه فائرنگ نه ڪئي وئي هڪ طرف قوم سوڳوار آهي ته ٻئي طرف وزيراعظم ٽوئيٽ ڪندو آهي ساهيوال واقعي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي زينب واقعي ۽ ماڊل ٽائون سانحي تي سياست ڪئي وئي پنجاب جي وڏي وزير کي قوم کي جواب ڏيڻ گهرجي گاڏي روڪي تلاشي ڇو نه ورتي وئي حڪومت پاران 2 ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان افسوسناڪ آهي واقعي تي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اهڙي سفاڪي ڇو ڪئي وئي ڪوڙ ڇو ڳالهايو ويو وفاقي وزير علي محمد ساهيوال واقعي تي جٺ ڪرائڻ لاءِ تحريڪ التوا پيش ڪئي جيڪا ايوان منظور ڪري ورتي راجا پرويز اشرف چيو ته جنهن اداري کي دهشتگردي کان بچائڻو آهي ته ان ئي بيگناهن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت کي ان واقعي تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ساهيوال سانحي تي بيان اعتراض لائق هئا پهرين چيو ويو ته دهشتگردن کيماري مغوي ٻارڙا آزاد ڪرايا آهن ڇا ڪنهن جي گهر ماتم هجي اتي وڃي گل پيش ڪيا ويندا اهن ڇا مديني شريف جي رياست ۾ ائين ٿيندو آهي افسوس وزيراعليٰ ٻارڙن جي گهر وڃي گل پيش ڪيا هاڻي ڪو ٻيو لفظ استعمال ڪيو پر رياست مدينا شريف جو استعمال نه ڪيو مقتولن جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي تدفين ڪرائي وئي جي آءِ ٽي مذاق آهي خواجا آصف چيو ته عمران خان چوندو هو ته ماڊل ٽائون ۾ سڌيون گوليون هلايون ويون شهباز شريف استعيفيٰ ڏئي ساهيوال واقعي ۾ به سڌيون گوليون هنيون ويون ايڏي وڏي سانحي تي وزيراعظم قطر هليو ويو پنجاب ۾ حڪومتي رٽ ختم ٿي وئي آهي هتي قانون سياسي مقصدن لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو اڄ به رائو انوار گجگوڙ ڪندي گهمي رهيو آهي دهشتگرد هي آهن جن بيگناهن جو خون وهايو دهشتگردي ختم ڪرڻ وارا پاڻ دهشتگرد بڻجي ويا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟