لسٻيلي ۾ المناڪ حادثو، ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾خوفناڪ ٽڪر، باھ، 18 مسافر سڙي فوت، 14 زخمي

1Shares

حب(م ڊ) لسٻيلي ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 14 ماڻهن بس مان ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي پچائي ورتي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪراچي کان بلوچستان جي ضلعي لسبلا جي تعلقي بيلا ۾ مسافر بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٿيندڙ ٽڪر ۾ 18 ماڻهون  سڙي فوت  ٿي ويا. جڏهن 14 ماڻهن زخمي ٿي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر شبير مينگل چيو آهي ته حادثي جو شڪار ڪوچ ۾ 35 کان وڌيڪ مسارف سوار هيا ۽ بس ڪراچي کان بنجگور وڃي رهي هئي. ڊي سي شبير چيو آهي ته حادثي جي ڪري ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ باهه لڳي وئي ۽ 14 ماڻهن بس مان ٽپو ڏئي پنهنجي جان بچائي جڏهن ته ٻيا ماڻهو ڪوچ ۾ ئي سڙي پنهنجو حياتيون وڃائي ويٺا. حادثي جي خبر ملندي ئي ريسڪيو، ليويز ۽ ايف سي اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهتا ۽ امدادي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون، پر باهه جي شدت سبب امدادي ڪاروائي ۾ ڏکيائي سان منهن ڏيڻو پيو. ڊپٽي ڪمشنر بيلا موجب لاشن ۽ زخمين کي تعلقو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں