ساهيوال سانحو: جي آءِ ٽي ٽيم جو واقعو واري هنڌ جو دورو، شاهدن جا بيان رڪارڊ

4Shares

لاهور(بيورو) ساهيوال سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جي ميمبرن واقعي واري هنڌ پهچي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن. ساهيوال واقعي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ مبينا مقابلي واري هنڌ جو جائزو پڻ ورتو.  جي آءِ ٽي واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪيون ۽ مقامي ماڻهن جا بيان به قلمبند ڪيا. جي آءِ ٽي آءِ جي پنجاب کي پيش ڪيل سي ٽي ڊي رپورٽ کي به جاچ جو حصو بڻايو آهي. جي آءِ ٽي سمورن شاهدن ۽ آپريشن ۾ شامل سي ٽي ڊي اهلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪندي، جڏهن ته ٻن ٽن ڏينهن اندر رپورٽ مڪمل ڪندي. ذريعن مطابق جي آءِ ٽي آڏو اکين ڏٺن شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي جي آءِ ٽي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پوليس لائن ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف  ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن هٿان مارجي ويل خليل جي وارثن حڪومت پاران 2 ڪروڙ رپين جي امداد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. خليل جي وارثن مقتول ڪٽنب کي دهشتگرد قرار ڏيڻ تي سخت احتجاج ڪيو. مقتول جي ڀاءُ جليل چيو ته متاثر ڪٽب کي ٻه ڪروڙ امداد ڏيڻ جون رڳو ڳالهيون آهن، 4 ڪروڙ اسان کان وٺو پوءِ قاتلن کي اسان حوالي ڪريو، اڃا تائين ڪوبه حڪومتي نمائندو داد رسي لاءِ ناهي آيو. خليل جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته اسان جي ڀاءَ کي گهرڀاتين سميت ماريو ويو، اسان وزيراعظم عمران خان کي رڳو اها اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. مقتول خليل جي ڀاءُ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب حڪومت پاران اسان سان رابطن واري دعويٰ ڪوڙي آهي، اسان سان پنجاب حڪومت جي ڪنهن به نمائندي هن وقت تائين رابطو ناهي ڪيو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں