بي پي ايل: راجشاهي ڪنگز جي ڪوميلا وڪنگز ۽ چٽاگانگ وڪنگز جي ڍاڪا ڊائنا مائيٽس کي شڪست

1Shares

 ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بي پي ايل جي ٽئين مرحلي جي پهرين ميچ ۾ راجشاهي ڪنگز دلچسپ مقابلي بعد ڪوميلا وڪنگز کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راجشاهي ڪنگز ٽاس هارائي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڪنگز شروعاتي 3 وڪيٽون فقط 28 رنسن تي وڃائي ڇڏيون، بعد ۾ لوري ايونس ۽ ريان ٽين جي 148 جي شاندار ناقابل شڪست پارٽنرشپ جي مدد سان ڪنگز 176 رنسن جو پهاڙ ٺاهيو. لوري ايونس 62 بالن ۾ 6 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 104 رنسن جي اننگ کيڏي ناقابل شڪست رهيو. اها بي پي ايل 2019 جي پهرين سينچري پڻ آهي، کيس ميچ جو بهترين رانديگر پڻ قرار ڏنو ويو. ريان ٽين به 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڊاوس 2 ۽ مهدي حسن هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ وڪٽورينس مقرر اوورن کان 10 بال پهرين فقط 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. انامل 26 ۽ تميم اقبال 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪامرل املا 4 ۽ قيص احمد ۽ ريان ٽين 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ٻي ميچ ۾ جٽاگانگ وڪنگز دلچسپ مقابلي بعد ڍاڪا ڊائنامائيٽس کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڊائنامائيٽس ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهي سگهي. ڪپتان شڪيب الحسن 34، نور الحسن 27 ۽ شوگناهوم 29 رنسون ٺاهي سگهيا. ڪيمرون ڊيلپورٽ 3 ۽ فرائلنڪ ۽ ابو جاويد 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ وڪنگز گهربل هدف سخت مقابلي بعد 7 وڪيٽن جي نقصان تي هڪ بال پهرين حاصل ڪري ورتو. ڪيمرون ڊيلپورٽ 12 بالن ۾ 30 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. مصدق حسين 33 ۽ فرائيلنڪ 25 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ڪپتان شڪيب 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں