ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪومتي ڌُر پارانڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت مهملي واري رٿ تي بحث. ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ منو ڪلاڪ دير سان منجهند جو پوڻين 3 وڳي شروع ٿيو، اجلاس ۾ تلاوت ڪلام پاڪ بعد ساهيوال سانحي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ واقعي ۾ مارجي ويندڙ خاندان لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي، جڏهن ته ايوان ۾ سنڌ جي نالي واري آرٽسٽ گلاب چانڊيو ۽ ٻين لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي وئي.اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سعديه جاويد جي ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت التوا واري تحريڪ تي بحث ڪرايو ويو، سعديه جاويد بحث جي شروعات ڪندي چيو ته ڪراچي جي ٺيڪيداري جي دعويٰ ڪندڙن پنهنجي حڪومتي دورن ۾ ريلوي لاءِ سروي به نه ڪرائي ۽ نه ئي فنڊ رکيا، ريلوي واري وزير ڊسمبر تائين بحالي جا اعلان ڪيا پر ڪجهه نه ٿيو، هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي خيالي پلاءَ ڏيڻ بدران تحريڪ انصاف جا ميمبر هن مسئلي تي توجه ڏين، ڇاڪاڻ ته وفاقي حڪومت ۾ ڪم رڳو ڪميٽيون ٺاهڻ کانسواءِ اميد گهٽ آهي، سليڪٽ وزيراعظم ووٽرن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران انهن جو ڪم ڪري، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي شهرين سان ڪيل واعدو پورو ڪري سرڪلر ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪري، پي ٽي آءِ جي محمد شبير چيو ته ڪرپشن تي ڳالهائڻ تي اسيمبلي ۾ ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي، وفاق تي الزام نه هنيا وڃن، جي ڊي اي جي نندڪمار گوڪلاڻي چيو ته نئين پاڪستان جي بنا جواز حمايت نه پيو ڪيان پر پ پ پنهنجي وفاقي حڪومتي دور ۾ سنڌ سان دشمني ڪئي، پ پ ته پنهنجي دور ۾ ريلوي اسٽيشنون بند ڪرايون، سکر جو شهزادو ٻڌائي ته لاڙڪاڻي ۽ نوشهروفيروز جون اسٽيشنون ڇو بند ٿيون، ڪنهن جي دور ۾ ريلوي جي زمين تي قبضا ٿيا، پ پ ريلوي لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو اهو ته ٻڌائي، ايم ڪيو ايم جي راشد خلجي چيو ته سرڪلر ريلوي بند ڪرڻ سان ٽرانسپورٽ جو نظام ناڪاره بڻايو ويو آهي، سرڪلر ريلوي ڪراچي جي شهرين لاءِ خواب آهي، ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي ارسلان گهمڻ چيو ته ڪراچي ريلوي منصوبو بهترين آهي، دير جون رڙيون ڪندڙ پاڻ ان ۾ رڪاوٽ بڻيا، هٿ وٺي سرڪلر ريلوي جي حدن ۾ماڻهن کي ويهاريو ويو، وفاق تي الزام هڻندڙ پاڻ دير جا ذميوار آهن. ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته سرڪلر ريلوي منصوبو بهترين آهي، پ پ جي تحريڪ التوا تي حيرانگي آهي، ٽرانسپورٽ مافيا 1998 ۾ سرڪلر ريلوي کي ختم ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي، ريلوي جي زمين تي گهر ٺاهيا ويا، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته سرڪلر ريلوي تي 4 مهينن جو حساب گهريو پيو وڃي، پرگذريل 10 سالن جو حساب ڪير ڏيندو، قبضا ڪنهن ڪيا، اسيمبلي مان 194 بل منظور ٿيا پر عمل نه ٿيو آهي، ڪراچي ۾ 10 سالن ۾ 10 بسون هلائيندڙن کي خبر ناهي ته شهري گاڏين جي ڇتين تي سفر ڪن ٿا. پ پ ايم پي اي چيو ته سنڌ سرڪار حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر وفاق فنڊ روڪي ٿو ته ان لاءِ آواز ڪير اٿاريندو، ان دوران اسپيڪر ۽ محمد حسين ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هو اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪري ويو، جڏهن ته اجلاس اڄ صبه 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو اجلاس ۾ ڳالهائيندي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو ته وفاقي سرڪار سنڌ جي شمسي منصوبن ۾ سستي جو مظاهرو ڪري سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي، پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي توجه ڏياريو نوٽيس تي جواب ڏيندي اميتاز احمد شيخ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون نه ڪرڻ سبب صوبي جا 4 شمسي منصوبا رولڙي جو شڪار آهن، ان دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته توانائي وارو وزير غلط انفارميشن ڏئي پيو، ان تي اسپيڪر کيس روڪيندي چيوته اوهان وچ ۾ ڳالهائي نه ٿا سگهو، فردوس شميم جواب ڏيندي چيو ته غلط انفارميشن تي خاموش نه ٿو ويهي سگهان، معاملا درست نه آهن، جنهن تي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته اسيمبلي فلور تي جواب ڏيان پيو، غلط ڇو پيو سمجهيو وڃي، ايم ڪيو ايم جي محمد شبير جي پاڻي بابت توجه ڏياريو نوٽيس تي جواب ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ميٽروول ۾ پاڻي جي لائن علائقي جي لائين کان صرف هڪ سو فوٽ پري آهي، ان کي ڳنڍڻ لاءِ قدم کڻون پيا، پاڻي جي فراهمي واري اسڪيم مڪمل ٿي آهي، حب ڊيم ۾ پاڻي نه آهي ان ڪري پاڻي جي فراهمي ۾ مشڪلات آهي، علائقي جي عوام ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مڪاني ادارن ۽ ڪچي آبادين جي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪچي آبادين سان گڏ پڪي آبادين ۾ به ماڻهون گلين تي قبضا ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيندا آهن، پلان جوڙيو آهي، ماڻهن کي گهر تي فليٽ ٺاهيون ته پوءِ رستا خالي ٿي ويندا، پلان تحت رستا ۽ ٻيون سهولتون به ملي وينديون، هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم چيو ته ڪچي آبادين ۾ ڪا پلاننگ نه آهي، اتي ته ايمبولينس به نه ٿي وڃي سگهي، اسپيڪر سوال ڪندي چيو ته ڪو اهڙو پلان آهي جو عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن، صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پلان جوڙيو آهي، ميرپورخاص، ٺٽي ۽ نوشهروفيروز ۽ ڪراچي ۾ ڪچي آبادين جي بهتري وارو منصوبو 2017 ۾ مڪمل ٿي ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪچي آبادين کي مستقل ڪرڻ لاءِ سروي جو ڪم جاري آهي، بينظير هائوسنگ اسڪيم ۾ غريبن کي 50 هزار پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪوي آهي، جنهن مان ساڍا 27 هزار پلاٽ ڏنا آهن باقي 22 هزار ڏيڻا آهن، صرف ڪراچي ۾ 18 هزار ماڻهن کي پلاٽ ڏنا ويا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟