ساهيوال واقعي جو ڪيس داخل، لاهور ۾ مقتولن جا لاش رکي ڌرڻو، چڪريون، پوليس تي پٿراءُ

2Shares

لاهور  / ساهيوال ( بيورو +  م ڊ)  ساهيوال  واقعي جو ڪيس داخل، جي آءِ ٽي  پوليس اهلڪارن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو،  مقتولن جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، نعريبازي. تفصيل موجب ساهيوال ۾ مبينا مقابلي جو ڪيس ڪائونٽر ٽِيرازم ڊپارٽمينٽ لاهور ٿاڻي ۾ به داخل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ٽن اهلڪارن جو نالو به ڏنو ويو آهي جيڪي آپريشن ۾ شريڪ ٿيا. سي ٽي ڊي جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر موجب ڪارروائي۾ ڪارپورول، محسن، رمضان ۽ حسنين اڪبر شريڪ ٿيا ڪيس 324/302، 353 ۽ دهشتگردي سميت ٻيا قلم داخل ڪيا ويا آهن سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اطلاع مليو هو ته پابندي پيل تنظيم سان تعلق رکندڙ اشتهاري جوابدار دهشتگرد شاهد جبار، عبدالرحمان ۽ انهن جا ٻيا ساٿي هڪ موٽر سائيڪل ۽ ڪار سوار فيملي جي ڪور ۾ ساهيوال ڏانهن وڃي رهيا آهن جنهن تي اڳواٽ ناڪابندي ڪئي وئي ۽ موٽر سائيڪل سوارن وٽ هڪ وڏو بيگ هيو ۽ ان جي پويان اڇي رنگ جي الٽو ڪار هئي جڏهن کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ شروع ڪئي ۽ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جي آفيشلز آپريشنل ٽيڪنڪس جي ڪري محفوظ رهيا ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ان دوران ڪار مان به هڪ ماڻهو فائرنگ شروع ڪئي موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ سبب ڪار ۾ ويٺل ان جا پنهنجا ساٿي به نشاني ۾ اچي ويا جڏهن ڪار ۾ چيڪ ڪيو ويو ته ٻه ماڻهو هڪ عورت هڪ ٻارڙي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي چڪا هئا جڏهن ته هڪ ٻارڙو ۽ ٻارڙي زخمي هئا جن کي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو ڪار سوارن جو سامان چيڪ ڪيو ويو ته ان ۾ ٻه آپگهاتي جيڪٽس، 8 هينڊ گرنيڊ، ٻه پستول، ۽ سوين گوليون هٿ ڪري تحويل ۾ ورتيون ويون ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي سرڪاري گاڏي تي دهشتگردن جا فائر پڻ لڳا.  ٻئي طرف  جي آءِ ٽي واقعي جو ذميوار سي ٽي ڊير  اهلڪارن کي قرار ڏنو آهي جي آءِ ٽي پنهنجي  مڪمل رپورٽ ٽن ڏينهن اندر تيار ڪندي. هوڏانهن لاهور ۾ ساهيوال واقعي ۾ مارجي ويلن جي وارثن ۽  شهرين جي وڏي انگ  احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون ٿيون. مقتولن جا لاش  پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ته انهن لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو. مقتولن جي وارثن چيو ته جيستائين اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين لاش دفن نه ڪنداسين. مقتول جي ڀاءُ جليل احمد چيو ته واقعي ۾ ملوث  اهلڪارن کي  ڪيفر ڪردفار تائين پهچايو وڃي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں