جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل: آصف زرداري خلاف 16 ڪيس نيب راولپنڊي حوالي ڪرڻ جو فيصلو

5Shares

اسلام آباد  (بيورو + مانيٽرنگ  ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف 16 ڪيس نيب راولپنڊي حوالي ڪرڻ جو فيصلو، جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جعلي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جو انڪشاف. خبر موجب  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف 16 ڪيس نيب راولپنڊي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس  رٽائرڊ  جاويد اقبال جي صدارت  هيٺ نيب جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آصف زرداري  خلاف 16 ڪيس نيب راولپنڊي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊي جي نيب عرفان منگي کي سکر مان گهرائي خاص هدايتون پڻ ڏنيون ويون. نيب جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جعلي اڪائونٽن  جي حوالي سان ڪيسن جو جائزو پڻ ورتو ويو.  ذريعن موجب آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي  ۽ ٻين خلاف ڪيسن جو جائزو ورتو  ويو. ٻئي طرف  ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽس  اسڪينڊ جي ٻيهر جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپياجعلي  اڪائونٽن مان منتقل ٿيا. ڪراچي جي مهراڻ هوٽل جي نجي بئنڪ جي برانچ مان شوڪت ترين جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪئي وئي.  ايف آءِ اي پاران وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں