افغانستان ۾ صورتحال جي بهتري علائقائي امن لاءِ انتهائي اهم آهي: آرمي چيف

3Shares

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي سينٽ ڪام جي ڪمانڊر جنرل جوزف ووٽيل وفد سان گڏ ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جنرل قمر جاويد باجوا سان آمريڪي ڪمانڊر جنرل جوزف ووٽيل وفد سان گڏ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. وفدن جي سطح تي ٿيل ملاقات ۾ علائقائي سلامتي، افغان امن مفاهمتي عمل ۽ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل جوزف خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ڏکيائين باوجود علائقائي سلامتي لاءِ ڪم ڪيو ۽ اسان رنڊڪن باوجود علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته افغانستان ۾ امن علائقائي امن لاءِ اهم آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي ريپبلڪن سينيٽر لنڊسي گرام ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽر گرام افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو ۽ افغان مسئلي جي حل لاءِ عمران خان جي ويزن جي تعريف ڪئي. آمريڪي سينيٽر جو چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ توهان جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي توڙي عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم جي وزيراعظم سان به ملاقات جو امڪان آهي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں