آمريڪي صدر جي شٽ ڊائون جي خاتمي واري آڇ مخالف ڌر رد ڪري ڇڏي

1Shares

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي مخالف ڌر پارٽي ڊيموڪريٽس صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران شٽ ڊائون جي خاتمي واري ڪيل آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي ته دستاويزن کانسواءِ ملڪ ۾ رهندڙ پناهگيرن کي عارضي طور تي تحفظ ڏنو ويندو، ان لاءِ ڊيموڪريٽس کي ميڪسيڪو جي سرحد تي ديوار جي اڏاوت لاءِ 5.7 بلين ڊالر جي بل جي منظوري ڏيڻي پوندي. آمريڪي صدر آڇ ڪئي ته بغير دستاويز آمريڪا ايندڙ مهاجرن، ٻارڙن ۽ اهڙن ماڻهن جن کي عارضي طور تي تحفظ ملڻ جو اسٽيٽس حاصل آهي، انهن کي ٽي سال رهڻ جي اجازت هوندي. ٽرمپ چيو ته ان منصوبص کي مڃڻ گهرجي ۽ هي عقل جي گهرجن تي پورو لهي ٿو. ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽي ڊيموڪريٽس صدر جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هائوس اسپيڪر نينسي پيلوسي چيو ته صدر ٽرمپ جي ڪا به آڇ قبول ناهي ۽ هو انساني حياتين جي مسئلي جي حل لاءِ سنجيده طريقي سان ڪجهه نه پيو ڪري.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں