بگ بيش ليگ: سڊني سڪسرز جي برسبين هيٽ کي 79 رنسن تان بدترين شڪست

4Shares

سڊني(اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ جي هڪ ئي کيڏيل ميچ ۾ سڊني سڪسرز هڪ طرفي مقابلي بعد برسبين هيٽ کي 79 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. سڊني ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڪسرز ٽاس هارائي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون. جيمز ونس 46 بالن ۾ 2 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 75 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جارڊن سلڪ 26 بالن ۾ 4 چوڪن جي مدد سان 41 رنسن جي اننگ کيڏي، جوش ٽيلر 5 رانديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ برسبين هيٽ مقرر اوورن کان 11 بال پهرين فقط 98 رنسن تي ڍير ٿي وئي. برينڊن مڪلم 27 ۽ بين ڪٽنگ 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. سين ايبٽ ۽ ٽام ڪرن 3-3 رانديگرن کي پويلين موڪليو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں