دپيڪا سان ڪيترا سال اڳ شادي ڪري ڇڏي هئي: رنوير جو انڪشاف

1Shares

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ناليواري اداڪار رنويرسنگهه چيو آهي ته دپيڪا سان شادي ڪيئي سال اڳ ڪري ڇڏي هئي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ رنوير سنگهه کان جڏهن اهو پڇو ويو ته شادي کانپوءِ هو ڪيئن محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ڇا هو پنهنجي دوستن کي به شادي ڪرڻ جو مشورو ڏيندو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته  شادي کان پوءِ زندگي تمام سٺي ۽ سهڻي ٿي وئي آهي ۽ آءُ پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن کي به شادي ڪرڻ جو مشورو ڏيندس ته شادي بعد زندگي مڪمل ٿي ويندي آهيآهي.بالي سپر اسٽار رنوير سنگهه چيو ته جڏهن  دپيڪا  کي پهريون ڀيرو ڏٺو هئس تڏهن کان ئي پڪو پهه ڪري ڇڏيو هيم ته  هيءَ اها ئي ڇوڪري آهي جنهن سان آءُ سموري زندگي گڏ گذارڻ چاهيان ٿو. اسان جي شادي جون رسمون ته هاڻي ٿيون آهن پر دپيڪا سان شادي پنهنجي دماغ ۾ اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي ۽ جيئن هوءَ راضي ٿي وئي ته اسان هميشه لاءِ هڪ ٿي وياسين .

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں