عاطف آرائين جو موت ڳجهارت بڻيل، پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري نه ٿي، پسٽل سندس والد جو نڪتو

6Shares

ڄامشورو(ڊ   ر) ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 4 ڏينهن اڳ السينا بوائز هاسٽل جي ڪمري نمبر 61 مان ايم بي بي ايس جي ٽئين سال ۾ پڙهندڙ شاگرد عاطف آرائين جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو اڃاتائين  پوسٽ مارٽم رپورٽ  اچي نه سگهيونه ئي ڪيس داخل ٿي سگهيو، معاملو اڃا ڳجهارت بڻيل، شاگرد  جي هٿ مان هٿ آيل پسٽل سندس  والد جي نالي تي نڪتو آهي  ڪافي ماڻهن جا بيان ورتا ويا آهن جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپوٽ اڄ  سومر تي اچي ويندي جنهن مان وڌيڪ معلومات  ملندي هونئين ته ظاهري طور خودڪشي  آهي باقي اسان جاچ ڪيون پيا . تفصيل موجب: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشور۾ 4 ڏينهن اڳ السينا بوائز هاسٽل جي ڪمري نمبر 61 مان ايم بي بي ايس جي ٽئين سال ۾ پڙهندڙ شاگرد عاطف آرائين جو لاش هٿ اچڻ وارو معاملو  ڳجهارت بڻيل آهي   ڪيس ۾اڃاتائين ڪا به پيش رفت اچي نه سگهي آهي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته فوتي شاگرد جي روم پاٽنر عبدل رافيع جا بيان به اڃاتائين قلمبند نه ٿي سگهيا آهن  جڏهن ته آچر جي ڏهاڙي  ڄامشورو پوليس پاران کيس طلب ڪيو ويو پر عبدل رافيع نه آيو. شاگرد محمد عاطف آرائين جو  پوسٽ مارٽم رپورٽ  به اڃاتائين نه اچي سگهيو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته سومر ڏهاڙي  فائنل پوسٽ مارٽم رپورٽ ظاهر ڪئي ويندي . ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو محمد توقير نعيم ٻڌايو ته شاگرد محمد عاطف آرائين  جي هٿ مان هٿ آيل پسٽل  جي جاچ ڪرايوسين جيڪا شاگرد جي والد شفيق جي نالي تي نڪتو آهي ان مان لڳي ٿو ته هو گهران پسٽل کڻي آيو هو. لمس مان  جي چوڪيدار ۽ گارڊن کي به اسان تفتيش لاءِ گهرايو آهي جن کان به پچا ڳڇا ڪري رهيا آهيون .هن چيو ته عبدل رافيع جا بيان قلمبند ٿي ويا آهن ۽ ٻين کان به تفتيش جاري آهي پوسٽ مارٽم رپوٽ اڄ  سومر تي اچي ويندي جنهن مان وڌيڪ معلومات  ملندي هونئين ته ظاهري طور خودڪشي  آهي باقي اسان جاچ ڪيون پيا .

6Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں