اصغر خان ڪيس: بچاءُ واري سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم، ايف آءِ اي جي دليلن مان مطمئن ناهيون: سپريم ڪورٽ

8Shares

اسلام آباد  (بيورو) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس جو عبوري لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي بچاءَ واري سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي ۽ چيو آهي ته بچاءَ وارو سيڪريٽري اڳڀرائي بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي، اسان جي خيال موجب ڪجهه شين بابت جاچ جي ضرورت آهي، ايف آءِ اي هڪ هفتي ۾ جواب جمع ڪرائي. تفصيل موجب ڪيس جي ٻڌڻي اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بينچ ڪئي هئي، گذريل ٻڌڻي 11 جنوري تي ٿي هئي، عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، فيصلي ۾ چيو ويو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري اڳڀرائي بابت لکت ۾ جواب جمع ڪرائي، فيصلي ۾ چيو ويو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري ٻڌائي ته فوجي آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي جي دليل مان مطمئن نه آهيون، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي چوي ٿي ته ڪيس اڳتي وڌڻ جو ڪو به سبب نه آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي چوي ٿي ته نامزد ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، فيصلي مطابق اسان جي خيال موجب ڪجهه شين بابت جاچ جي ضرورت آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ڪيس جي جاچ جو دائرو محدود آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ان لاءِ ڪيس بند ڪيو وڃي، فيصلي موجب اصغر خان جي وارثن جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ڪجهه شيون طئه ڪيون ويون آهن، فيصلي ۾ چيو ويو ته وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ نظرثاني اپيل به خارج ٿي چڪي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي عدالتي فيصلي تي پوري طرح جاچ نه ڪئي آهي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي هڪ هفتي ۾ جواب جمع ڪرائي.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں